شهباز سرڪار جي سفارتي ڪاميابين باوجود ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ،ناانصافي ۽ مهانگائي جو راڄ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته ان حقيقت ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شهباز شريف جي حڪومت سفارتي محاذ تي ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، پر وزيراعظم جي حيثيت سان هو پنج بجيٽون پيش ڪري چڪو آهي. ان باوجود اڄ به ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 18 کان 24 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جاري آهي.ماڻهن کي انصاف نٿو ملي، مهانگائي ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ جڏهن ٻوڏ ايندي هئي ته شهبازشريف لانگ بوٽ پائي پاڻي ۾ لهي پوندو هو،هو اهو به اعتراف ڪندو هو ته ملڪ ۾ انصاف ناهي،ماضي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ۾ ٻانهن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي شهبازشريف چوندو هو ته علي بابا چاليهه چورن کان لٽيل دولت واپس آڻي گردشي قرض ختم ڪنداسين ۽ واعدو ڪريان ٿو ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو نالو نشان نه هوندو هو،هن چيو ته نوان صوبا آئيني طريقي سان ٺهندا،جيڪو به رستو نڪرندو اهو آئين مان نڪرندو،هن چيو ته مون پ پ،ن ليگ،پي ٽي آءِ ۽ غيرجانبدار آئيني ماهرن سان ان معاملي تي راءِ ورتي آهي،سڀني جو هڪ ڳالهه تي اتفاق آهي،آرٽيڪل 239 جي ذيلي شق 4  صوبن جي سرحدن بابت تبديلين بابت آهي، اها شق نون صوبن جي باري ۾ ناهي،ڪجهه سياسي نما ماهرن جو خيال آهي ته آرٽيڪل 239 جي شق 4 تحت صوبائي اسيمبلي اهو فيصلو ڪندي ته نئون صوبو ٺهڻ گهرجي يا نه،ان تي به تڪرار آهي،آئيني ماهرن جو ان تي اتفاق ناهي،هن چيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ان معاملي تي ريفرنڊم ٿي سگهي ٿو،ريفرنڊم به وزيراعظم پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ريفر ڪرڻو پوندو پوءِ ريفرنڊم جو فيصلو ٿيندو

You might also like