دنيا ۾ ڪيترائي رشتا آهن، پر پيءُ جو رشتو سڀ کان مقدس آهي. پيءُ ڇانوَ آهي، پيءُ همت آهي، پيءُ پهريون استاد آهي. الله جو شڪر آهي ته هن مون کي سائين علي نواز ٻٽ جهڙو والد عطا ڪيو. هو منهنجي لاءِ صرف پيءُ نه پر هڪ مڪتب ۽ هڪ تحريڪ هو. سندس سڄي زندگي خدمت، سادگي ۽ قرباني جو نالو هئي.
علي نواز ٻٽ جو جنم ضلعي دادو جي ڳوٺ ٻٽ سرائي جي هڪ عزت واري گهراڻي ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ميهڙ مان مئٽرڪ ۽ لاڙڪاڻي پولي ٽيڪنڪ مان فني تعليم مڪمل ڪئي. ننڍي عمر کان ئي سندن اندر مظلوم جو درد ۽ قوم جي خدمت جو جذبو هو. 1972ع ۾ جڏهن هو شاگرد يونين جا صدر هئا ته سنڌ جي حقن لاءِ جلوس جي اڳواڻي ڪندي مخالفن جي گولي/ خنجر جو وار کاڌائون. پر ان زخم سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو .
بابا نوجواني کان ئي قوم لاءِ پاڻ پيش ڪرڻ جو عهد ڪيو هو. مزدورن جو اڳواڻ سماجي خادم 1975ع ۾ ڪي اِي ايس سي ۾ نوڪري اختيار ڪئي ۽ محنت سان سپروائيزر جي عهدي ائين اڳتي اسسٽنٽ مئنيجر تائين پهتا. پر هنن ڪڏهن به عهدي کي ذاتي مفاد لاءِ استعمال نه ڪيو. بابا سنڌي پورهيت سنگت جا بنياد وجهندڙ اڳواڻن مان هئا. هزارين ڪي اِي ايس سي مزدورن جا مسئلا، پگهار، ترقيون ۽ حفاظت لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪيائون. پنهنجي تنخواه مان بي وس ساٿين جي مدد ڪندا رهيا. سندن گهر 24 ڪلاڪ کليل هو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ شاگرد، پورهيت ۽ مسافر اتي ماني کائي، آرام ڪري دعا ڏئي ويندا هئا. ڪيترن ئي شاگردن سندن گهر ۾ رهي ڊاڪٽر، استاد ۽ انجنيئر بڻيا. بابا سائين جي ايم سيد جي فڪر کان تمام گهڻو متاثر هئا جهڙوڪ بابا سائين سيد جي سيڪيولر، انسان دوست ۽ سنڌ دوست نظريي کي پنهنجو مشن بڻايو
1989ع ۾ جهنڊي واري ڪيس ۾ سائين جي ايم سيد سان گڏ گرفتار ٿي 14 مهينا سکر ۽ خيرپور جي جيلن ۾ گذاريا. جيل جي سختي، مار ۽ تڪليفن به کيس سندس اصولن تان نه هٽائي سگهيو. جڏهن جيل مان آزاد ٿيا ته وري اڳ کان وڌيڪ جوش سان قوم جي خدمت ۾ لڳي ويا. بابا سائين صبر ۽ استقامت سان هر آزمائش کي منهن ڏنو. بابا تمام گهڻا شفيق آهن. بابا اسان کي هميشه بهترين ڳالهيون سيکاريون ته محنت ڪريو، حلال رزق ۾ برڪت آهي، انسان جي خدمت ڪريو اها ئي اصل عبادت آهي
بابا اسان ڀائرن ڀينرن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو. اڄ اسان جي هڪ ڀيڻ پي ايڇ ڊي ڪري قوم جي خدمت ڪري رهي آهي، اها سندن تربيت جو نتيجو آهي. اسان جو سر فخر سان بلند آهي ڇو ته هنن 50 سال ڪنهن به لالچ کان سواءِ سنڌ جي خدمت ڪئي. آخر ۾ مان فخر سان چوان ٿو ته مان علي نواز ٻٽ جو فرزند آهيان. سندس زندگي اسان نوجوانن لاءِ پيغام آهي ته سياست جو نالو اقتدار نه پر خدمت آهي. عظمت جو نالو دولت نه پر دل آهي. بابا سائين هڪ مهينو اسپتال ۾ رهڻ کان پوءِ ڪالهه جسماني طور اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو پر سندس سياسي، قومي، عوامي ۽ هڪ آدرشي والد وارو ڪردار هميشه اسان سان گڏ هوندو ۽ اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو.