حيدرآباد ( رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ جي ڪميشن جي آفيس سامھون حيدرآباد ۾ احتجاجي ڪيمپ ڪالھه 40 ڏينھن به جاري رھي ، جڏھن ته شاگرد اڳواڻن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ وڃي يونيورسٽي جي شاگردن سان گڏجاڻيون ڪيون. اڳواڻن جو چوڻ ھو ته اسين شاگردن جو مستقبل بچائڻ لاءِ کين ھن جدوجھد جو حصو بڻائي رھيا آھيون،، سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن وجاھت ھنگورجو، زبيع الله مستوئي، سڪيلڌو چانڊيو، اياز رستماڻي، فخرالزمان کوهارو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ ڳالھ ٻولهھ ڪندي چيو ته 7 سيپٽمبر تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينٽرل لائبريري کان ڄامشورو پريس ڪلب تائين ريلي جي سلسلي ۾ ھو استادن ۽ شاگردن سان ملاقات ڪري رھيا آھن جن کين ڀرپور نموني شرڪت جو يقين ڏياريو آھي ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن چيو ته سنڌ جا شاگرد صوبي مان سفارش ۽ رشوت عيوض نوڪرين ڏيڻ واري عمل کان بيزاريءَ جو اظهار ڪري رھيا آھن،، شاگرد اڳواڻن يونيورسٽي جي شاگردن ۾ سوين ھينڊ بل ورھايا.ٻئي طرف ڪالھه به مختلف وفدن ڪيمپ تي اچي شاگردن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو .