استنبول ۾ دفاعي اتحاد جو اجلاس، فيلڊ مارشل جون ترڪ قيادت سان ملاقاتون

استنبول (ويب ڊيسڪ) استنبول ۾ مڪي دفاعي معاهدي تحت پهرئين اجلاس کان اڳ ترڪي جي بچاءِ واري وزير يشار گولر پنهنجي پاڪستاني هم منصب خواجا آصف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز (سي ڊي ايف) فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقاتون ڪيون آهن.
ترڪي جي بچاءَ واري وزارت سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي انهن ملاقاتن جون وڊيوز به شيئر ڪيون آهن.
خواجا آصف ۽ ترڪي جي قيادت ملاقاتن دوران گڏيل دفاعي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
واضح رهي ته ترڪي، سعودي عرب ۽ پاڪستان طرفان 7 آگسٽ تي قائم ڪيل مڪي دفاعي اتحاد جو پهريون اجلاس اڄ 31 آگسٽ تي استنبول ۾ ٿي رهيو آهي.
ٽنهي ملڪن جا پرڏيهي، دفاعي وزيرن ۽ هٿياربند فوجن جي سربراهن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي اتحاد لاءِ حڪمت عملي تيار ڪندي ۽ فوجي معاملن ۾ سهڪار لاءِ عملي قدمن جو جائزو وٺندي.
ترڪي جي پرڏيهي کاتي جي ذريعن موجب، استنبول ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ترڪي جي نمائندگي پرڏيهي وزير حاقان فيدان، دفاع وارو وزيريشار گولر ۽ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سلجوق بيرقدار اوغلو ڪندا.
اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجا محمد آصف ۽ هٿياربند فوجن جو سربراهه ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪندا.
سعودي عرب طرفان پرڏيهي وزير شهزادو فيصل بن فرحان آل سعود، بچاءَ وارو وزير شهزادو خالد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

You might also like