ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال نفرت کي هٿي ڏئي لنڊن واري جي جانشين بڻجڻ چاهي ٿو.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي ردعمل ڏيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم جي نفرت ۽ ورهاڱي تي ٻڌل سياست هاڻي رد ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته ڪجهه ناڪاري مثالن ۽ ڪوڙين دعوائن سان حقيقت تبديل نٿي ڪري سگهجي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه نفرت جون ديوارون ڪِيرايون آهن، جڏهن ته مخالف ڌريون هميشه ورهاست جي سياست جي ڪوشش ڪنديون رهيون آهن.
هن چيو ڪراچي سنڌ جي دل ۽ پاڪستان جي معيشت جي شهه رڳ آهي، ڪراچي کي دنيا آڏو دهشتگردي ذريعي بدنام ڪندڙ هاڻي وفاق جي پٺيان لڳي ويا آهن.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياست هميشه ورهاست، نفرت ۽ لساني فرق جي چوڌاري ڦرندي رهي آهي، عوام سندن ڪوڙي بيانيي ۽ سياسي لٻاڙ کي چڱيءَ ريت سمجهي چڪو آهي، انتظامي فيصلن کي لساني رنگ ڏيڻ اصل ۾ پنهنجي ناڪام سياست کي زنده رکڻ جي ڪوشش آهي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي کي 18 سالن جو مهڻو ڏيندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏيو، ان جي ابتڙ عوام هر چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي سرخرو ڪيو آهي.
هن چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ رهندو، ڪو به پنهنجي وقتي مفادن لاءِ عوام کي ورهائي نٿو سگهي، پاڪستان پيپلز پارٽي بنا فرق سنڌ جي سمورن شهرين کي ترقي جا موقعا فراهم ڪيا آهن، وفاق کي جوڙيندڙ جماعت کي ڪراچي جي ورهاست جو ذميوار قرار ڏيڻ مضحڪه خيز آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي سميت سڄي صوبي جي عوام جي خدمت کي پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجو مشن سمجهي ٿي، پ پ هميشه نفرت جي سياست کي شڪست ڏني ۽ امن، ترقي ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏني آهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڪراچي کي ورهايو ناهي، پر ملڪ کي جوڙي رکڻ، سنوارڻ ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي.
هن چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته سندن ٻارن جي هٿن ۾ بندوقون ڏئي ڪنهن سندن مستقبل برباد ڪيو.
مصطفيٰ ڪمال ٻڌائي ته لساني ورهاست، ٻوريءَ ۾ بند لاش، ڀتاخوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪنهن جي سڃاڻپ رهيا آهن؟
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ صدين کان مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جو گهر آهي، جڏهن ته مصطفيٰ ڪمال جهڙا سياستدان پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ عوام ۾ نفرت کي هٿي ڏئي رهيا آهن.
مصطفيٰ ڪمال ٻڌائي ته لساني فساد، ٻوري بند لاش، ڀتاخوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪنهن جي سڃاڻپ آهي ؟: شرجيل ميمڻ
You might also like