ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد مصطفيٰ ڪمال تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي پراڻي قيادت جي جانشيني حاصل ڪرڻ لاءِ شهر تي مالڪي جو خواب ڏسي رهيو آهي.
هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ماضي جو دور گذري چڪو آهي ۽ مصطفيٰ ڪمال کي پمز اسپتال ۾ پيش آيل آتشزدگي واري واقعي تي جواب ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پمز وفاقي صحت واري وزارت جي انتظام هيٺ اچي ٿو.
سندس چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو سنڌ جي ورهاست ۽ نون انتظامي يونٽن جا خواب ڏسي رهيا آهن، انهن جا اهي خواب ڪڏهن به ساڀيان نه ٿيندا.
هن چيو ته ماضي ۾ به الڳ ملڪ ۽ جناح پور جا خواب ڏٺا ويا هئا، پر اهي خواب ناڪام ٿيا. سنڌ جا ماڻهو ڪراچي کان ڪشمور تائين متحد هئا ۽ اڄ به متحد آهن.
سنڌ هڪ هو، سنڌ هڪ آهي ۽ سنڌ هڪ ئي رهندو.
You might also like