شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس، بشڪيڪ ۾ موديءَ جي مسعود ملاقات

بشڪيڪ (ويب ڊيسڪ) ڪرغزستان ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي جي ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ٿي آهي.
چيني صدر شي جن پنگ، روسي صدر ولاديمير پيوٽن، ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ ٻين ملڪن جا اڳواڻ اڄ ڪرغزستان ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن.
روس، چين، ڀارت، پاڪستان، ايران، بيلاروس ۽ وچ ايشيا جا چار ملڪ هن تنظيم جا ميمبر آهن، جيڪا پنهنجي قيام جي 25هين سالگرهه ملهائي رهي آهي.
ولاديمير پيوٽن ۽ شي جن پنگ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاسن کي گهڻ قطبي عالمي نظام جي واڌاري ۽ اولهه جي ڀيٽ ۾ گڏيل محاذ جي اظهار لاءِ استعمال ڪندا رهيا آهن.
ياد رهي ته هي اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن روس طرفان يوڪرين تي حملي کي ساڍا چار سال ۽ واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ جنگ کي ڇهه مهينا گذري چڪا آهن.

You might also like