ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ملير جي ”ايجوڪيشن سٽي“ ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنين لاءِ ”آءِ ٽي سٽي“ قائم ڪرڻ جي رٿابندي شروع ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، 1070 ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضيءَ تي نئين انفارميشن ٽيڪنالاجي سٽي قائم ڪري مختلف ڪمپنين جون صنعتون ۽ آباديون قائم ڪيون وينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنين طرفان 700 کان 800 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو واعدو پڻ ڪيو ويو آهي.
اسپيشل ٽيڪنالاجي زون، ڊيٽا سينٽرز، آرٽيفيشل انٽيليجنس (اَي آءِ )، آءِ او ٽي ڊيوائسز ۽ ليٿيم بيٽرين جا مرڪز قائم ڪيا ويندا.
ان کانسواءِ اليڪٽرڪ گاڏين ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل صنعتن جي قيام جا منصوبا پڻ شامل آهن.
ذريعن موجب، آءِ ٽي سٽي جي قيام سان 10 هزار کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ايجوڪيشن سٽي اندر قائم ٿيندڙ آءِ ٽي سٽي لاءِ 435 ايڪڙ زمين نوٽيفاءِ پڻ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته وڌيڪ 635 ايڪڙ زمين ڏيڻ لاءِ منظوريءَ جو عمل جاري آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل ڪمپنين طرفان اسپيشل ٽيڪنالاجي زون ۾ جلد عملي ڪم شروع ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته منصوبن جي باضابطا افتتاح جي تقريب پڻ منعقد ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
سنڌ حڪومت ملير ايجوڪيشن سٽي ۾ 1070 ايڪڙن تي ٻڌل آءِ ٽي سٽي قائم ڪرڻ واري منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو
You might also like