سنڌ اسيمبليءَ ۾ نون صوبن تي التوا رٿ ڪنهن جي چوڻ تي پيش ٿي؟

ڪراچي(ارباب چانڊيو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن جو چوڻ آهي ته  جڏهن اسان پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ وياسين ته اتي ڪيترائي ميمبر پاڻ ان ڳالهه تان حيران رهجي ويا جڏهن انهن کي ٻڌايو ويو ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ صوبن ۽ يونٽن سان لاڳاپيل قرارداد آڻڻ جي بدران التوا واري رٿ پيش ڪئي وڃي،جڏهن اها تجويز آئي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ قرارداد بدران التوا رٿ آندي وڃي ته امداد پتافي سميت مختلف اسيمبلي ميمبرن پارلياماني پارٽي ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ته نه، التوا واري رٿ  نه پر واضح ۽ چٽن لفظن ۾ قرارداد آندي وڃي. پر هن موقف کي موٽ يا پذيرائي نه ملي ۽ اتي ئي وڏي وزير سڀني جي آڏو چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چاهي ٿو ته ان تي بحث ٿئي ۽ بحث ڪرڻ کان پوءِ ان کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي.هاڻي پ پ ۾  جيڪي ان موقف جي حمايت ڪن ٿا انهن جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو چاهي ٿو ته اها بحث هاڻي پهرين ۽ آخري ڀيرو ٿيڻ گهرجي ۽ ان کان پوءِ اها بحث ئي نه ٿيڻ گهرجي. ان ڪري انهن اها تجويز پارلياماني پارٽي کي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه ذريعي ڏني. بلاول جو حڪم ڪير ٽاري سگهي ٿو؟ ان حڪم جي نتيجي ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ قرارداد جي بدران التوا واري رٿ آئي.ان پٺيان منطق اها ٻڌائي پئي وڃي ته چيئرمين بلاول ڀٽو چاهي ٿو ته ان تي پهرين ۽ آخري بار بحث ٿئي ۽ بحث کان پوءِ اهو موضوع ختم ٿيڻ گهرجي.ان جا نتيجا ان جي ابتڙ نڪتا آهن. هڪ ته سنڌ جي عوام ان رٿ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ٻيو ايم ڪيو ايم خوشي جو اظهار ڪيو آهي، ۽ ٽيون ته سنڌ جي تاريخ ۾ اها تحريڪ التوا تاريخ جو حصو بڻجي ويندي. ان ۾ اهو شامل هوندو ته اتي ڪيترن ئي اسيمبلي ميمبرن سنڌ ٽوڙڻ ۽ يونٽ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ ڪيترن ئي ميمبرن مخالفت ڪئي،خبر ناهي ڪنهن بلاول ڀٽو زرداريءَ کي اها تجويز ڏني ته اوهان ان تي بحث ڪرايو. هاڻي اهو تمام وڏو سوال آهي ته بلاول ڀٽو زرداريءَ کي ڪنهن چيو هو ته هو پارلياماني پارٽي کي اها تجويز ڏئي، ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جو چوڻ آهي، ايم ڪيو ايم پنهنجي وجود کان وٺي اڄ تائين ان ڳالهه لاءِ تڙپندي رهي ته ڪا اهڙي التوا واري رٿ سنڌ اسيمبليءَ ۾ اچي جنهن ۾ اسان سنڌ ۾ يونٽ ٺاهڻ جي ڳالهه تي بحث ڪري سگهون. انهن جو چوڻ هو ته ڄام صادق علي، مظفر شاهه، لياقت جتوئي، علي محمد مهر، ارباب غلام رحيم واري دور ۾ به انهن کي اها جرئت نه ٿي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ اهڙي تحريڪ التوا آڻين جنهن ۾ يونٽ يا صوبي ٺاهڻ واري تحريڪ کي بحث هيٺ آندو وڃي.اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جو ٿورو ادا ڪيون ٿا. هاڻي هڪ تاريخي غلطي ٿي وئي آهي. پيپلز پارٽي ان تي بحث ڪراڻ چاهي ٿي ته ڇا بحث لاءِ سنڌ اسيمبلي ئي فورم رهجي ويو هو؟ پيپلز پارٽي پنهنجي ئي موقف جي ڪري ڦاسي پئي آهي. ٻئي پاسي مظاهرا شروع ٿي ويا آهن.

You might also like