اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر افنان الله طرفان مشهور ڪرڪيٽ ڪمنٽيٽر ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا تي پابندي لڳائڻ جي مطالبي تي اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جو سخت ردعمل سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن مسلم ليگ (ن) جي سياسي سوچ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.تفصيل موجب هڪ ٽي وي پروگرام دوران مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر افنان الله پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کان باقاعده مطالبو ڪيو ته رميز راجا خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس بند ڪيو وڃي. هن چيو ته ”هي جتي به وڃن ٿو، هر هنڌ عمران خان، عمران خان، عمران خان شروع ڪري ڇڏين ٿو ڪرڪيٽ ڪمنٽري ۽ راندين جي پليٽ فارمن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي.“سينيٽر افنان الله جي بيان تي ردعمل ڏيندي اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۽ اڳواڻن تي طنز جا تير وسايا.فواد چوڌري چيو ته مسلم ليگ (ن) جي انهن ماڻهن جو مطالبو آهي ته رميز راجا کي بند ڪريو، سموري عالمي ميڊيا کي بند ڪريو ۽ ملڪ جي انهن 85 سيڪڙو ووٽرن کي به بند ڪريو، جن ووٽ جي پرچي ذريعي اسان کي رد ڪيو.هن وڌيڪ طنز ڪندي چيو ته انهن ماڻهن جي خواهش آهي ته سڄي ملڪ کي قبرستان بڻايو وڃي ۽ حڪومت انهن جي حوالي ڪئي وڃي.رڻ جي اميد نظر نٿي اچي، تنهن هوندي به اها حقيقت جو رڳو هڪ پاسو آهي.