ڪوئيٽا (عوامي آواز نيوز) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پاڪستان پنجابي، سنڌي، بلوچ، سرائيڪي ۽ پشتون سڀني جو گڏيل ملڪ آهي، هتي ڪو به آقا ۽ غلام ناهي. آئين ۽ قانون موجب سڀني قوميتن کي حق ۽ برابري ملڻ گهرجي.پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي اهتمام هيٺ ٽن ڏينهن وارو گرينڊ پشتون قومي جرڳو شروع ٿي ويو آهي، جنهن جي صدارت نواب اياز خان جوگيزئي ڪري رهيو آهي. محمود خان اچڪزئي چيو ته پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جو هي جرڳو بنون قومي جرڳي جي فيصلن جو تسلسل آهي. هي ڪنهن هڪ سياسي جماعت جو جرڳو نه، پر پوري پشتون قوم جي بقا جو جرڳو آهي.هن چيو ته پشتون علائقن جا جبل ليٿيم، سون، چاندي، ٽامي ۽ ناياب معدنيات سميت بي پناهه قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن، پر انهن خزانن جي باوجود اسان جا باصلاحيت نوجوان دبئي ۾ مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن.محمود اچڪزئي چيو ته پشتون دهشتگرد نه، پر مهمان نواز، انسان دوست ۽ پرامن قوم آهن. زيارت سانحي سميت لڳاتار ٿيندڙ خوني واقعن ۽ بدامني جو خاتمو ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده حالتن ۾ پشتونن جي جان، مال ۽ عزت سخت خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن.پي ڪي ميپ جي چيئرمين چيو ته بندوق ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، پشتون قوم جو آخري رستو به سياسي ڳالهيون ئي آهن. اسان ڪنهن کان خيرات نٿا گهرون، پر پنهنجي سرزمين جي وسيلن تي جائز ۽ آئيني حق چاهيون ٿا.هن چيو ته هاڻي پشتون قوم جي مستقبل جا فيصلا هن ئي گرينڊ قومي جرڳي ۾ ڪيا ويندا.جرڳي جي انتظاميا موجب، پي ڪي ميپ جي اهتمام هيٺ ٽن ڏينهن وارو گرينڊ پشتون قومي جرڳو پهرين سيپٽمبر تائين جاري رهندو.