وزيراعظم ٻڌي ڇڏي لانگ مارچ شروع ٿيو ته سنڀالي نه سگهندئو

راولپنڊي/ لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته وزيراعظم ڀت تي لکيل تحرير پڙهي وٺو، مسئلو حل ڪيو، ٻي صورت ۾ 3 سيپٽمبر تي شٽر ڊائون ۽ ان کانپوءِ لانگ مارچ جي ڪال ڏيندس، راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جماعت اسلامي جي جلسي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جيڪڏهن لانگ مارچ شروع ٿيو ۽ حڪومت ڪيرائڻ جو اعلان ڪيوسين ته حڪومت سنڀالي نه سگهندي، لاهور ۾ ئي اعلان ڪيو هو ته هر صورت ۾ لياقت باغ ۾ جلسو ڪنداسين، مون چيو هو ته جيڪڏهن جلسي جي اجازت نه ڏني وئي ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد جون روڊون ڌرڻن سان ڀرجي وينديون، پاڪستان جو الميو آهي ته وڏن اڳواڻن کي شهيد ڪيو وڃي ٿو پر قوم جي محسنن جي قاتلن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي، موجوده حڪومت ۾ ن ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي شامل آهن، پر آصف زرداري به بينظير ڀٽو جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرائي سگهيو، موجوده حڪمران فارم 47 ذريعي اقتدار ۾ آيا آهن ۽ قوم کين رد ڪري چڪي آهي، مهانگائي وڌائڻ لاءِ ”شهباز اسپيڊ“ استعمال ٿي رهي آهي، ڪيسن ۾ سزائن جي شرح پنج سيڪڙو کان به گهٽ آهي. مريم نواز ۽ آصف زرداري جي پاڪستان ۾ عزتون محفوظ ناهن، اسان کي لياقت علي خان جو پاڪستان واپس حاصل ڪرڻو آهي، ان کان اڳ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي مهاجرن ۽ سنڌين جا نسل تباهه ڪري ڇڏيا آهن، ايم ڪيو ايم قتل عام، ڀتا خوري ۽ بدامني کان سواءِ مهاجرن کي ڪجهه ناهي ڏنو، پيپلزپارٽي نوڪريون وڪرو ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي سنڌين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پ حڪومت رشوت جو سسٽم هلائي رهي آهي، پنجاب ۾ حقيقي ڪم ڪجهه به ناهي، نمائشي قدمن جو انگ وڌيڪ آهي، ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، دهشت گردي جي واقعن ۾ تيزي اچي رهي آهي ۽ نوجوان نسل مايوس ٿيندي پئي وڃي، اسان باهه لڳائڻ نٿا چاهيون، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وارا قوم کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن.

You might also like