ڀارت ۾ قيد پنجويهه پاڪستاني شهري ڏيهه واپس پهچي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ قيد 25 پاڪستاني شهري واگها-اٽاري سرحد ذريعي وطن واپس پهچي ويا.
پاڪستان هاءِ ڪميشن موجب، 25 پاڪستاني شهرين کي اڄ واگها-اٽاري سرحد رستي پاڪستان آندو ويو.
هاءِ ڪميشن جا عملدار به سرحد تي موجود هئا، جن پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي واري عمل کي آسان بڻائڻ ۾ سهڪار ڪيو.
ٻئي پاسي پاڪستان هاءِ ڪميشن چيو آهي ته حڪومت پاڪستان ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن پاڪستاني شهرين جي آزادي ۽ وطن واپسي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.

 

You might also like