اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڊگهي عرصي کان سنڌ جي ورهاڱي جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، سنڌي قوم صوبي جي ورهاڱي کي رد ڪري ٿي.
وفاقي راڄڌاني ۾ پ پ جي سينيٽر پلوشه خان، قومي اسيمبلي جي ميمبر سحر ڪامران ۽ سيد سبط الحيدر بخاري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آءِ ٽي بل بابت عوام لاءِ خوشخبري آهي ته حڪومت اهو بل واپس وٺي ڇڏيو آهي.
سينيٽر پلوشه خان چيو ته حڪومت ان کي تڪراري بل تسليم ڪندي واپس ورتو، جنهن کي ساراهيون ٿا، ان جو ڪريڊٽ عوام ڏانهن وڃي ٿو، جن پنهنجي بنيادي حقن تي سمجهوتو نه ڪيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي به بل روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
پلوشه خان پمز جي افسوسناڪ واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان ۾ 14 ٻارن جون جانيون ضايع ٿيون، هن خدشو ظاهر ڪيو ته ثبوت مٽائڻ ۽ حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري رپورٽ فوري طور عام ڪئي وڃي.
سينيٽر پلوشه خان سوال اٿاريو ته 3 سالن دوران ملندڙ 22 ارب رپيا ڪٿي خرچ ٿيا ۽ ان رقم جو آڊٽ ڪرايو وڃي.
هن چيو ته هي سڀ ڳٺ جوڙ آهي، اهڙي صورتحال ۾ شفاف جاچ ڪيئن ٿيندي؟
قومي اسيمبلي جي ميمبر سحر ڪامران به مطالبو ڪيو ته پمز واقعي جي رپورٽ عوام آڏو پيش ڪئي وڃي.
هن خدشو ظاهر ڪيو ته ننڍن آفيسرن تي ملبو وجهي اصل ذميوار وڏن اختيارين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
سحر ڪامران چيو ته آءِ ٽي بل عوام تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪڏهن ڪو پنهنجي گهر تي ٽاور لڳائڻ جي اجازت نه ڏئي ها ته ان کي ڏنڊ کي منهن ڏيڻو پوي ها، جڏهن ته سينيٽر پلوشه خان جرئت جو مظاهرو ڪندي بل جي مخالفت ڪئي.
هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ جنهن طريقي سان قانون سازي ٿي رهي آهي، ان تي کين خدشا آهن.
هن مطالبو ڪيو ته ايندڙ قومي اسيمبلي ۾ قانون سازي جي عمل کي شفاف بڻايو وڃي.
سحر ڪامران پمز واقعي بابت چيو ته انهن مائرن جي ڏک جو ڪو ازالو ناهي، جن جا جگر جا ٽڪرا کانئن وڇڙي ويا.
پلوشه خان الزام لڳايو ته پمز ۾ ويٺل اعليٰ اختيارين ثبوت لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
سينيٽر پلوشه خان چيو ته پيپلز پارٽي هن معاملي کي فائلن ۾ دٻجڻ نه ڏيندي ۽ ٻنهي ايوانن ۾ ڀرپور آواز اٿاري رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مطالبو اهو ئي آهي ته رپورٽ عوامي ڪئي وڃي ۽ حقيقتون عوام آڏو اچڻ گهرجن.
سنڌ جي ورهاڱي بابت ڳالهائيندي پلوشه خان چيو ته ان حوالي سان ڳالهائيندڙن کي روڪي نٿو سگهجي. ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ٿيو آهي، جيڪو اڪثريت سان منظور ٿيندو، جڏهن ته سنڌ جو عوام به صوبي جي ورهاڱي کي رد ڪري ٿو.
سينيٽر پلوشه خان وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم ڪافي عرصي کان سنڌ جي ورهاڱي جي ڪوششن ۾ لڳل آهي.
ايم ڪيو ايم ڊگهي عرصي کان سنڌ جي ورهاڱي جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، سنڌ جو عوام به ورهاڱي کي رد ڪري ٿو: پلوشه خان
You might also like