نون صوبن جي بحث واري رٿ واپس وٺو، اسيمبلي ۾ سنڌ جي وحدت ۽ سالميت بابت واضح ٺهراءُ آڻيو: اياز لطيف پليجو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو نون صوبن بابت بحث واري رٿ واپس وٺي سنڌ جي وحدت ۽ سالميت بابت واضح ٺهراءُ منظور ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ کي ڀت سان نه لڳايو وڃي، سنڌ جي ورهاڱي بابت بحث نه ٿيڻ گهرجي.
هن مطالبو ڪيو ته سنڌ اسيمبلي مان سنڌ جي وحدت ۽ سالميت بابت واضح ٺهراءُ منظور ڪيو وڃي.
اياز لطيف پليجو چيو ته ميمبرن ۽ حڪمرانن کي سنڌ جي وحدت جو دفاع ڪرڻو آهي، سودن، ڌمڪين، تقريرن ۽ ڊرامن جا در نه کولڻا آهن.
هن چيو ته ”ونگار نه وَهو، اسيمبلي ورهاڱي تي بحث لاءِ نه، سنڌ جي حفاظت لاءِ وجود ۾ آئي آهي.“

 

You might also like