ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءَ الله لانگو چيو آهي ته ڏکڻ بلوچستان ۾ فتنه الهندستان ننڍي عمر وارين ڇوڪرين کي ورغلائي آپگهاتي حملو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ضياءَ لانگو چيو ته دهشتگرد چادر ۽ چئو ديوارين جي تقدس کي پائمال ڪرڻ چاهين ٿا، دهشتگرد بلوچ روايتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، بلوچن جي روايت ناهي ته اهي جبلن ۾ نامحرم ماڻهن سان وقت گذارين، انهن کي ڪوڙو بيانيو پکيڙڻ لاءِ ورغلايو پيو وڃي، جيڪو مذمت جوڳو آهي.
هن چيو ته ڏکڻ بلوچستان ۾ فتنه الهندستان ننڍي عمر وارين ڇوڪرين کي ورغلائي آپگهاتي حملو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته کيس ڇوڪرين جي والدين ۽ مائٽن تي حيرت آهي ته انهن کي ڪيئن ڇڏي ڏنو. 16 ورهين جي زينب ۽ 12 ورهين جي فاطمه کي ورغلايو ويو، 40 ڏينهن تائين کين اونداهي ڪوٺڙي ۾ رکيو ويو ۽ چيو ويو ته توهان کي آپگهاتي ڌماڪو ڪرڻو آهي.
مير ضياءَ الله لانگو جو چوڻ هو ته حڪومت ڇوڪرين کي صحت، تعليم ۽ پڙهائي لاءِ بهترين موقعا فراهم ڪري رهي آهي، ڇوڪرين جا والدين شرمساري محسوس ڪري رهيا آهن، ڇوڪرين جا والدين حيران آهن ته سندن نياڻيون غير مردن سان گڏ جبلن ۾ ڪيئن رهيون.
هن چيو ته دهشتگردن خلاف اسان جون فورسز مقابلو ڪري رهيون آهن، فورسز مسلسل جنگ ۾ رڌل آهن. جيڪڏهن هڪ واقعو ٿئي ٿو ته سيڪيورٽي فورسز 10 واقعن کي روڪينديون به آهن.
هن وڌيڪ چيو ته فتنه الهندستان طرفان زينب جي مڙس سميت خاندان جي 8 کان 10 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو.
سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي بلوچ ڇوڪرين کي آپگهاتي حملي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي
You might also like