فيلڊ مارشل جو دفاعي صنعتي ڪمپليڪس جو دورو، مقامي هٿيارن جي صنعت ۾ وڏي اڳڀرائي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير دفاعي صنعتي ڪمپليڪس واه جو دورو ڪيو، جتي هن مقامي سطح تي ڊزائين ۽ تيار ڪيل هٿيارن ۽ بارودي مواد جي تجربن ۽ آزمائشن جو مشاهدو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل دوري دوران پي او ايف جي پيداواري صلاحيتن، برآمدي امڪانن ۽ ملڪي دفاعي صنعتي بنياد کي مضبوط بڻائڻ ۾ ان جي ڪردار جو جائزو ورتو.
فيلڊ مارشل کي پي او ايف جي مختلف سرگرمين ۽ ملڪي دفاع مضبوط بڻائڻ ۾ ان جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته کيس مقامي سطح تي مختلف قسمن جي فوجي سامان جي تياري ۽ ترقي بابت معاملن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.
فيلڊ مارشل مقامي طور تي ڊزائين ۽ تيار ڪيل هٿيارن ۽ گولا بارود جي تجربن ۽ آزمائشن جو پڻ مشاهدو ڪيو.
فيلڊ مارشل کي پي او ايف کي ڪارپوريٽ اداري ۾ تبديل ڪرڻ جي عمل ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته مقامي تياري ۽ اپ گريڊيشن جي ڪوششن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ٻه نوان صنعتي پلانٽ لڳايا پيا وڃن، جن مان هلندڙ سال جي آخر تائين پيداوار شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
آءِ ايس پي آر پڌرائي موجب، فيلڊ مارشل دوري دوران پاڪ فوج طرفان دفاعي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ، مقامي پيداوار ۽ ٽيڪنيڪي جدت کي هٿي ڏيڻ جو عزم پڻ ورجايو.

You might also like