پمز سانحو: جاچ رپورٽ وزيراعظم حوالي، ذميوارن جو تعين ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پمز سانحي جي شروعاتي جاچ رپورٽ وزيراعظم شهباز شريف کي پيش ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، انڪوائري ڪميٽي جي سربراهه اڳوڻي گهرو سيڪريٽري شاهد خان پمز سانحي جي رپورٽ رات دير سان وزيراعظم جي صلاحڪار توقير شاهه جي آفيس ۾ جمع ڪرائي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته توقير شاهه رپورٽ وزيراعظم ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي ۽ کيس رپورٽ جي مواد ۽ سفارشن کان به آگاهه ڪيو ويو آهي.
انڪوائري ڪميٽي جي ذريعن رپورٽ وزيراعظم آفيس موڪلڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته رپورٽ عام ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم کي ڏنو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ تي انڪوائري ڪميٽي جي سمورن ميمبرن جون صحيحون موجود آهن، جڏهن ته ڪميٽي پمز سانحي جي سببن ۽ ذميوارن جو تعين به ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، رپورٽ ۾ امدادي ٽيمن جي ريسڪيو آپريشن دوران پيش آيل مسئلن جو به ذڪر موجود آهي، پمز جو جيڪو لاڳاپيل عملو غير حاضر هو، انهن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مستقبل ۾ اهڙن حادثن کان بچڻ لاءِ سفارشون به ڏنيون ويون آهن.
رپورٽ ۾ پمز جي انتظاميا ۽ ڊاڪٽرن جا انٽرويوز پڻ شامل آهن، جڏهن ته فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو ٽيمن جا بيان به رپورٽ جو حصو آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ پمز اسپتال ۾ علاج ۽ اڻپورين سهولتن جو به ذڪر موجود آهي ۽ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪا به شيءِ عالمي معيار موجب ناهي.
رپورٽ ۾ ذميوارن خلاف وزيراعظم کي فوري طور ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

You might also like