اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت 50 پائلٽن جا لائسنس رد ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته 33 پائلٽن جا لائسنس معطل ڪيا ويا آهن.
بچاءَ واري وزارت طرفان جمعي ڏينهن سوالن جي وقفي دوران لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته پائلٽن جي جعلي لائسنسن جي الزامن سبب برطانيا، يورپي يونين ۽ آمريڪا طرفان پي آءِ اي جي بين الاقوامي اڏامن تي لاڳو پابندي جي نتيجي ۾ پي آءِ اي کي آگسٽ 2020 کان ڊسمبر 2024 تائين 200 ارب رپين جو نقصان ٿيو.
سول ايوي ايشن رولز 1994 تحت اهم قدمن طور وفاقي حڪومت 50 پائلٽن جا لائسنس رد ۽ 33 لائسنس معطل ڪيا.
You might also like