اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سينيئر صحافي ۽ تجزيي نگار حامد مير جي استعيفيٰ بابت سوال جي ترديد نه ڪئي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام حامد مير مصطفيٰ ڪمال کان سوال ڪيو ته اوهان وزيراعظم کي پنهنجي هٿ سان لکيل استعيفيٰ موڪلي، پر وزيراعظم استعيفيٰ قبول نه ڪئي، جنهن تي مصطفيٰ ڪمال حامد مير جي ان سوال جي ترديد نه ڪئي ۽ چيو ته جڏهن اوهان کي خبر آهي ته پوءِ مون کان ڇو پڇي رهيا آهيو؟
ميزبان حامد مير چيو ته يعني وزيراعظم کان پڇڻ گهرجي، ان تي مصطفيٰ ڪمال چيو ته جتان اوهان کي خبر پئي آهي، اتان ئي پڇي وٺو.
ياد رهي ته ان کان اڳ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو هو ته هن پمز اسپتال سانحي تي پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.
صحت واري وفاقي وزير استعيفيٰ ڏيڻ بابت سوال جو جواب ڏيندي چيو هو ته احتساب لاءِ سڀ کان پهريان پاڻ کي وزيراعظم آڏو پيش ڪيو آهي، وزيراعظم منهنجو باس آهي، هو جيڪو به فيصلو ڪري.
You might also like