اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فلڪ ناز چترالي پمز سانحي تي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
سينيٽ اجلاس دوران وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال به موجود هو، ان موقعي تي سينيٽر فلڪ ناز چترالي وفاقي وزير تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اسلام آباد ۾ ٻه اسپتالون نه ٿيون سنڀالجن، وري ٽپا ڏئي چون ٿا ته نئون صوبو ٺاهينداسين.
هن چيو ته صحت وارو وزير سينيٽ اجلاس ۾ پمز جا قصيدا پڙهي رهيو هو، ان تي ته شرم وچان ٻڏي مرڻ کپي.
عورت سينيٽر چيو ته مان ان ڏينهن پمز وئي هيس، سيڪيورٽي گارڊن اسان کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته ٻار شاپنگ بيگ ۾ والدين حوالي ڪيا ويا ۽ چيو ويو ته ڪنهن کي ٻڌائڻو ناهي، هتان هليا وڃو، ان سڄي معاملي ۾ صحت وارو وزير ۽ حڪومت ذميوار آهي.
ٻئي پاسي سينيٽ اجلاس ۾ سعديه عباسي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پمز جي مقرري واري بورڊ ۾ موجود هيس، مون مقرري جي سخت مخالفت ڪئي هئي.
هن چيو ته بيوروڪريسي ان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر کي مقرر ڪرڻ جي ڀرپور حمايت ڪئي هئي، اي ڊي پمز ايترو اثر رسوخ رکندڙ شخص آهي.
سعديه عباسي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم صحت واري سيڪريٽري کي ته معطل ڪري ڇڏيو، پر اي ڊي پمز کي معطل نه ڪري سگهيو، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پمز جي رسائي اهڙي هنڌ آهي، جتي ڪو هٿ به نٿو لائي سگهي.
سعديه عباسي چيو ته اي ڊي پمز هن واقعي جو ذميوار آهي، کيس ته گرفتار ڪرڻ گهرجي ها، اِهو شخص قاتل آهي.
اسلام آباد ۾ ٻه اسپتالون نه ٿيون سنڀالجن، وري ٽپا ڏئي چون ٿا نئون صوبو ٺاهينداسين: سينيٽر فلڪ ناز چترالي
You might also like