سنڌ حڪومت سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي سندن لاڳاپيل ضلعن جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾ متروڪا وقف ملڪيتن جي نگراني ڪندا.
سنڌ جي اقليتي معاملن واري کاتي ڊپٽي ڪمشنرن کي خاص اختيار ڏيڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب متروڪا وقف ملڪيتن جي تحفظ ۽ انتظام جا اختيار ڊپٽي ڪمشنرن حوالي ڪيا ويا آهن.
نوٽيفڪيشن موجب ڊپٽي ڪمشنر ملڪيتن جي انتظام لاءِ ضلعي سطح تي ڪميٽيون پڻ جوڙيندا.