نيپال ۽ چين جي تبت واري علائقي جي سرحد تي مٽي ۽ چٽانون درياهه ۾ ڪرڻ سبب آيل تباهي مچائيندڙ ٻوڏ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 95 ماڻهو فوت ۽ سوين سياح گم ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اربع ڏينهن پيش آيل واقعي جي وڊيوز ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي ٻوڏ جي تيز وهڪري ۾ لڙهندي ڏسي سگهجي ٿو. نيپال ۽ چين جي اختيارين وڌيڪ جاني نقصان ۽ وڏي تباهي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
نيپال ۾ ڪيترائي گهر، روڊ ۽ بجلي جا منصوبا ٻوڏ جي وهڪري ۾ وهي ويا، جڏهن ته چين جي تبت واري علائقي ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب سرحدي علائقي ۾ روڊن، مواصلاتي نظام ۽ بجلي جي تنصيبات کي نقصان پهتو.
نيپال جي سياحت واري اداري موجب متاثر علائقي مان گهٽ ۾ گهٽ 384 سياح گم آهن، جن ۾ 105 ڀارتي، 93 نيپالي، 12 برطانوي ۽ 3 آمريڪي شهري شامل آهن. ڏکڻ ڪوريا جا 8 شهري پڻ گم آهن.
هڪ پوليس اهلڪار موجب ٻوڏ کانپوءِ هينئر تائين مجموعي طور 95 لاش ڪڍيا ويا آهن.
چين جي سرحدي علائقي جي سيڪيورٽي فوٽيج ۾ ماڻهن کي چٽانن، مٽي ۽ پاڻي جي خوفناڪ وهڪري کان جان بچائيندي ڀڄندي ڏسي سگهجي ٿو. تيز وهڪري ڪيترين ئي عمارتن، گاڏين ۽ ماڻهن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.
چيني اختيارين موجب گيرونگ سرحدي گذرگاهه تي 574 امدادي ڪارڪن مقرر ڪيا ويا آهن. مٽي ۽ ملبي جي ٿلهي تهه سبب امدادي ٽيمن کي متاثر علائقي تائين پهچڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي رهيا آهن.
ٻئي پاسي نيپال ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڀارت جي اترين رياستن اتر پرديش ۽ بهار ۾ پڻ ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.