واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سندس خيال ۾ ايران جو سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي سخت زخمي آهي، پر مارجي نه ويو آهي.
هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته کيس نٿو لڳي ته ايران جو نئون سپريم ليڊر فوت ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ائين آهي به ته ايراني اختيارين تمام سٺو ڊرامو ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ايراني هر معاملي بابت حتمي منظوري وٺڻ لاءِ بار بار سپريم ليڊر سان ٻيهر ڳالهائڻ جو ذڪر ڪندا رهن ٿا.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته کيس يقين آهي ته ايران جو سپريم ليڊر جسم جي کاٻي پاسي کان تمام گهڻو سخت زخمي ٿيو آهي.
واضح رهي ته 28 فيبروري تي ايران تي آمريڪي حملن جي پهرين ڏينهن مجتبيٰ خامنه اي جو والد علي خامنه اي مارجي ويو هو.
ان واقعي کانپوءِ مجتبيٰ خامنه اي کي عوامي سطح تي نه ڏٺو ويو آهي.