اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته پاڪستان ۾ عام ماڻهو جي في ڪس آمدني نيپال جي ماڻهن جي في ڪس آمدني جي برابر آهي، جيڪا لڳ ڀڳ 1536ڊالر آهي. نيپال جي پارليامينٽ جي ميمبرن جي ماهوار پگهار 600 ڊالر آهي، جڏهن ته پاڪستان جي پارليامينٽ جي ميمبرن جي ماهوار پگهار 3500 ڊالر کان وڌيڪ آهي.هن معاملي ۾ پاڪستان ڀارت ۽ بنگلاديش کان به اڳتي آهي.هن چيو ته سريلنڪا جي في ڪس آمدني 5 هزار ڊالر جي ويجهو آهي،پارليامينٽ ميمبرن جي پگهار 1100 ڊالرآهي،بنگلاديش جي في ڪس آمدني 2557 ڊالر آهي،پارليامينٽ ميمبرن جي پگهار 1400 ڊالر آهي،ڀارت جي في ڪس آمدني 2700 ڊالر آهي،پارليامينٽ ميمبرن جي پگهار 2913 ڊالر آهي،پاڪستان جي في ڪس آمدني 1595 ڊالر آهي،پارليامينٽ ميمبرن جي پگهار 3530 ڊالر آهي،ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڪستان جا پارليامينٽ ميمبر پگهارون کڻن ٿا،