هڪ شخصيت کي تمام گهڻا اختيار ڏنا ويا آهن

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي پي ٽي آءِ ميمبر  اقبال آفريدي چيو ته عمران خان کي سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود شفا اسپتال بدران پمز آندو ويو. خدا جو خوف ڪريو، سپريم ڪورٽ جي ڳالهه مڃيو ۽ هن پارليامينٽ کي سپريم بڻايو.اقبال آفريدي چيو ته هڪ شخص کي ايترا اختيار ڏئي ڇڏيا ويا آهن، جو هو وزيراعظم ۽ صدر جا فيصلا ڪندو.اسلام آباد جي ميڊيڪل ڪاليجن ۽ خانگي اسپتالن ۾ وڌيڪ فيسن بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي پارلياماني سيڪريٽري نيلسن عظيم جواب ڏيندي چيو ته وزيراعظم ان حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن فيس 18 لک رپيا مقرر ڪئي. والدين جي شڪايتن تي 45 ڪاليجن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان هر سال 22 هزار ڊاڪٽر تيار ڪندا آهيون، جن مان 65 سيڪڙو ڊاڪٽر خانگي ڪاليجن مان ٿين ٿا. 96 هزار ٻارن ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان پاس ڪيو، پر اسان صرف 22 هزار ٻارن کي داخلا ڏئي سگهياسين. هن وقت ڪو به ڪاليج پنهنجي مرضي سان فيس مقرر نٿو ڪري سگهي.پي ٽي آءِ جي علي محمد خان چيو ته 2023ع ۾ توهينِ رسالت بابت هڪ بل منظور ٿيو، جنهن کان پوءِ سينيٽ به اهو بل منظور ڪيو. صدر نه ته بل منظور ڪيو ۽ نه ئي واپس موڪليو.هن ڊپٽي اسپيڪر کان رولنگ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ان سان مسئلو حل ٿي ويندو.ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ان وقت عارف علوي صدر هو تنهن هوندي به هاڻي چيڪ ڪري وٺون ٿا.

You might also like