لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف( پي ٽي آءِ ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽ سليمان خان چيو آهي ته کين پنهنجي والد سان ملاقات کي ڪيئي سال گذري ويا آهن، جڏهن ته گذريل 6 مهينن کان فون تي به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي سگهي.
اڱاري ڏينهن آن لائين پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽن قاسم ۽ سليمان خان الزام لڳايو ته سندن والد جن حالتن مان گذري رهيو آهي، اهي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهن.
سليمان خان چيو ته سپريم ڪورٽ واضح حڪم ڏنو آهي ته عمران خان جي ٻارن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي وڃي، پر اختيارين اڃا تائين کين ان بنيادي حق جي اجازت ناهي ڏني.
هن چيو ته پاڪستاني اختياريون کين ويزا جاري ڪرڻ کان به مسلسل پاسو ڪري رهيون آهن.
پريس ڪانفرنس دوران قاسم خان چيو ته ”منهنجو پيءُ ڏاڍو مضبوط شخص آهي، پر 73 سالن جي عمر ۾ ساڻس جيڪو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، ان جو مٿس اثر پئجي رهيو آهي.“
قاسم خان جو چوڻ هو ته عمران خان گذريل 3 سالن کان ”قيدِ تنهائي“ ۾ آهي ۽ ان باوجود سندس موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.
عمران خان جي پٽن اهڙي وقت ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، جڏهن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 20 آگسٽ جي رات راولپنڊي جي اڊيالا جيل مان اسلام آباد جي پمز اسپتال آندو ويو هو، جتي طبي معائني کانپوءِ کيس ٻيهر اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو هو.
ان کان اڳ سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته اڳوڻي وزيراعظم کي علاج لاءِ اسلام آباد جي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو وڃي، پر حڪومت عمران خان کي پمز اسپتال آڻڻ جو سبب اهو ڄاڻايو ويو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان شفا اسپتال جي رستي ۽ ٻاهران پيدا ڪيل سيڪيورٽي صورتحال سبب کيس منتقل نه ڪيو ويو.
حڪومت اها به دعويٰ ڪئي هئي ته پمز اسپتال ۾ طبي معائني کانپوءِ عمران خان کي صحتمند قرار ڏنو ويو هو.
پاڪستان تحريڪِ انصاف ان عمل کي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي.
واضح رهي ته حڪومت طرفان به سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي.