بابر اعظم لارڊز ٽيسٽ کيڏندو يا نه؟ اهم خبر اچي وئي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم لارڊز ۾ انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ لاءِ ٽيم ۾ واپسي لاءِ تيار آهي، آڱر جي انجري مان ڇوٽڪارو ماڻيندڙ ڪپتان ٽريننگ سيشن ۾ مڪمل بيٽنگ ڪندي نظر آيو.
پاڪستاني بالنگ ڪوچ عمر گل موجب، بابر اعظم جو ٽريننگ سيشن ”هاڪاري“ رهيو ۽ هن فاسٽ بالر، اسپنر ۽ ٿرو ڊائونز ڪندي بيٽنگ سيشن مڪمل ڪيو.
عمر گل موجب، بابر اعظم نيٽس ۾ بهتر نظر آيو ۽ اميد آهي ته هو ٻي ٽيسٽ لاءِ دستياب هوندو.
واضح رهي ته بابر اعظم کي آڱر ۾ انجري ويسٽ انڊيز خلاف سيريز دوران ٿي هئي، جنهن کانپوءِ بيڪنهم ۾ پاڪستان جي پريڪٽس ميچ دوران ٻيهر آڱر تي بال لڳڻ سبب انجري وڌي وئي هئي.
عمر گل چيو ته پاڪستان کي بابر اعظم جي واپسي تي ئي ڀاڙڻ بدران گذريل ميچ ۾ ڪيل غلطين مان سکڻو پوندو.
هن چيو ته ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ سمورن شعبن ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي، هڪ شعبو ٻئي جو ٻوجهه نٿو کڻي سگهي، جڏهن ته موجوده حالتن ۾ بالرن تي وڌيڪ ذميواري آهي، ڇاڪاڻ ته 20 وڪيٽون حاصل ڪرڻ کانسواءِ ٽيسٽ ميچ نٿي کٽي سگهجي.
عمر گل وڌيڪ چيو ته رانديگرن اڄ مڪمل جوش ۽ جذبي سان ٽريننگ ڪئي آهي ۽ کين اميد آهي ته ٽيم لارڊز ۾ ڀرپور واپسي ڪندي.
ڪرڪيٽ تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم جي واپسي پاڪستان جي بيٽنگ لاءِ اهم ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هيڊنگلي ۾ پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ ناڪام رهي ۽ انگلينڊ پاڪستان کي ٻنهي اننگز ۾ 86 اوورن کان به گهٽ وقت ۾ آل آئوٽ ڪري ڇڏيو.

 

You might also like