اجئه جي وني اڪشي تي عاشق هئي؟ ڪرن جوهر جو ڪاجول بابت وڏو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلمساز ڪرن جوهر پنهنجي پراڻي دوست ۽ اداڪارا ڪاجول بابت دلچسپ انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته هڪ وقت ۾ ڪاجول کي اداڪار اڪشي ڪمار تي وڏو ڪرش هو.
ڪپل شرما جي پروگرام جي هڪ پراڻي وڊيو ٻيهر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڪرن جوهر ۽ ڪاجول پنهنجي دوستي جي شروعات جو دلچسپ قصو ٻڌايو هو.
ڪرن جوهر موجب، ڪاجول سان سندس پهرين ملاقات هڪ فلمي پارٽي ۾ ٿي، جتي هو ٿري پيس سوٽ ۽ ٽاءِ پائي پهتو هو.
ڪاجول کيس ڏسندي ئي کلڻ لڳي ۽ لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ تائين سندس مذاق اڏائيندي رهي، جنهن تي ڪرن ايترو لڄي ٿيو جو پارٽي ڇڏي هليو ويو.
ٻنهي جي ٻي ملاقات هڪ فلم جي پريميئر دوران ٿي ۽ اها ئي ملاقات سندن دوستي جو سبب بڻي.
ڪرن جوهر موجب، ان وقت ڪاجول کي اڪشي ڪمار تي وڏو ڪرش هو ۽ هوءَ سڄي تقريب دوران اڪشي کي ڳولي رهي هئي، جڏهن ته ڪرن به اڪشي کي ڳولڻ ۾ سندس ساٿ ڏيڻ لڳو.
ڪرن مزاحيه انداز ۾ چيو ته کين اڪشي ڪمار ته نه مليو، پر ان ڳولا دوران هو ۽ ڪاجول هڪ ٻئي کي ملي ويا ۽ دوست بڻجي ويا.

 

You might also like