اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل جي ٽن قيدين خانگي اسپتال مان علاج ۽ گهرڀاتين سان ملاقات لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
قيدين سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن قيدي جو علاج سرڪاري اسپتال ۾ ممڪن نه هجي ته کيس خانگي اسپتال به موڪلي سگهجي ٿو.
درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سندن بيمارين جو علاج رڳو شفا اسپتال ۾ ئي ممڪن آهي.
الياس خان، محمد اسماعيل خان ۽ اويس الطاف جي درخواستن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 27 آگسٽ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
شفا اسپتال مان علاج جو مطالبو، عمران خان کانپوءِ اڊيالا جيل جي ٽن قيدين جون درخواستون داخل
You might also like