وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ، فيلڊ مارشل اعليٰ سطحي ڳالهين لاءِ تهران پهچي ويو

اسلام آباد/تهران (ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اهم دوري تي ايران پهچي ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان گڏ ايران پهتو آهي.
تهران ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير جو ايران جو دورو خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو حصو آهي.
دوري دوران وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي حل ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪوششن کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو.

You might also like