ماتلي جي غريب آباد مين پرائمري اسڪول آڏو بيٺل گندو پاڻي

آزاد غلام رسول مزاري

تعليم ڪنهن به قوم جي روشن مستقبل جو بنياد هوندي آهي. اسڪول رڳو چار ديوارين جو نالو ناهي، پر اهو  مقدس اڱڻ آهي، جتي قوم جا معصوم ٻار پنهنجن ننڍڙن هٿن ۾ ڪتاب کڻي، وڏن خوابن جي تعبير لاءِ پهريون قدم کڻندا آهن. پر جڏهن انهيءَ ئي تعليمي اڱڻ ۾ علم جي روشنيءَ بدران گندو ۽ بدبودار برساتي پاڻي بيٺل هجي، ته اهو رڳو هڪ اسڪول جو مسئلو نه رهندو، پر اسان جي اجتماعي ذميواريءَ ۽ انتظامي غفلت تي هڪ وڏو سوال بڻجي بيهندو آهي. ماتلي جي غريب آباد محلي ۾ قائم گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول هن وقت اهڙي ئي افسوسناڪ صورتحال سان منهن ڏئي رهيو آهي.

تازين برساتن کان پوءِ اسڪول جي احاطي ۽ ڀرپاسي ۾ بيٺل گندو پاڻي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. برسات بند ٿي چڪي آهي ۽ موسم به معمول تي موٽي آئي آهي، پر اسڪول جو اڱڻ انتظاميا جي انتظار ۾ بي زبان فرياد بڻجي چڪو آهي. هن اسڪول ۾ پڙهندڙ ننڍڙا ٻار روزانو انهيءَ گندگي ۽ بدبوءِ واري ماحول مان گذرڻ تي مجبور آهن. بيٺل پاڻي ۾ مڇرن ۽ خطرناڪ جراثيمن جي پيدائش سبب ٻارن کي مليريا، ڊينگي ۽ چمڙي جي مختلف بيمارين جو شديد خطرو لاحق آهي. ان کان علاوه، معصوم ٻار خطري جي نوعيت کان اڻڄاڻ ٿي اڪثر پاڻيءَ جي ويجهو کيڏندا نظر اچن ٿا، جيڪو ڪنهن به وڏي حادثي کي سڏ ڏيڻ برابر آهي.

سوال اهو آهي ته برسات بند ٿيڻ کان پوءِ به پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ فوري قدم ڇو نه کنيا ويا؟ ڇا سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ غريب ۽ وچولي طبقي جا ٻار صاف ۽ محفوظ ماحول جا حقدار ناهن؟ ڇا تعليم جي ترقيءَ جون دعائون رڳو تقريرن، اعلانن ۽ تصويرن تائين محدود آهن؟ غريب آباد جي هن اسڪول جو مسئلو انتظاميا لاءِ معمولي هجي، پر انهن والدين ۽ استادن لاءِ هرگز ناهي، جيڪي پنهنجن ٻارن کي روشن مستقبل جي اميد سان اسڪول موڪلين ٿا.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لاڳاپيل تعليم کاتو، ضلعي انتظاميا ۽ ٽائون انتظاميا هن سنگين مسئلي جو فوري نوٽيس وٺن. اسڪول جي احاطي ۽ ڀرپاسي مان بيٺل گندو پاڻي فوري طور تي نيڪال ڪرايو وڃي، نالين ۽ نيڪال جي نظام جي صفائي ڪرائي وڃي ۽ مستقبل لاءِ مستقل حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ته جيئن برسات دوران ٻيهر اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي.

You might also like