سياست ۾ رواداري ملڪي استحڪام جو بنياد

اعجاز ممنائي

پاڪستان جي سياست هڪ اهڙي دور مان گذري رهي آهي، جتي اختلافِ راءِ کي سياسي اختلاف نه پر دشمني سمجهيو وڃي ٿو. معاشري ۾ اختلاف کي فطري عمل جي بجاءِ دشمني ۽ اتحاد کي ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو. اهڙي ماحول ۾ ڪو به اهڙو قدم جيڪو ڪاوڙ کي گهٽ ڪري، سياسي قوتن کي هڪ ميز ۽ جمهوري دائري ۾ واپس آڻي ۽ ادارن جي وچ ۾ اعتماد کي مضبوط ڪرڻ يقينن قابلِ تحسين آهي.

تازو سپريم ڪورٽ جي طرفان اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي علاج ۽ صحت جي معائني لاءِ الشفا نيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جو اهم حڪم ڏنو ويو آهي. عدالت صرف اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو، پر ڪيترن ئي معاملن ۾ راءِ جي آزادي، ميڊيڪل بورڊ ۽ گهر وارن سان ملاقات جهڙين ڳالهين کي به اهميت ڏني. هي ڪنهن هڪ سياسي جماعت جي فتح يا ٻئي جي شڪست جي طور تي نه، پر ان فيصلي جي اصل اهميت کي ان اصول ۾ ڏسڻ گهرجي ته رياست ۾ قانون جي حڪمراني، انساني وقار ۽ بنيادي حقن جو احترام هر شهري لاءِ هجڻ گهرجي، چاهي اهو عام شهري هجي، سياسي ڪارڪن هجي يا ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم هجي.

پاڪستان کي اڄ سڀ کان وڌيڪ جنهن شيءِ جي ضرورت آهي، اها سياسي استحڪام آهي. سياسي استحڪام جو مطلب اهو نه آهي ته ڪنهن کي قانون کان مٿانهون قرار ڏنو وڃي. سياسي استحڪام جو مطلب اهو آهي ته اختلافِ راءِ رکندڙن کي اختلاف جي آزادي هجي، مخالف سياسي جماعت کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو حق حاصل هجي، سياسي ڪارڪن پنهنجي نظرين سان عوام ۾ وڃي سگهن ۽ چونڊن، پارليامينٽ، عدالتن ۽ سياسي ميدان ۾ تڪرارن جو حل جمهوري رستي ذريعي ڳوليو وڃي. عمران خان کي به سياسي استحڪام ملڻ گهرجي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي به. هي ڳالهه عمران خان جي حمايت ۾ هجڻ يا مخالفت ۾ هجڻ کان مٿانهون آهي. جمهوريت جو اصل امتحان اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي پسنديده ماڻهن لاءِ نه، پر پنهنجي سياسي مخالفن لاءِ به اهي ئي اصول تسليم ڪريون جيڪي اسان پاڻ لاءِ گهرون ٿا. جيڪڏهن هڪ سياسي جماعت کي پنهنجو حق ڏنو وڃي ٿو ته هو پنهنجي قائد جو علاج، ملاقات، سياسي سرگرمي ۽ قانوني حقن لاءِ آواز اٿاري، ته ساڳيو اصول ڪنهن ٻي جماعت لاءِ به لاڳو ٿيڻ گهرجي. اهو ئي جمهوري معاشري جي خوبصورتي آهي.

سپريم ڪورٽ جو تازو فيصلو به ان لحاظ کان اهم آهي. عدالت هڪ اهڙي معاملي ۾ قانوني رستو اختيار ڪيو جنهن کي سياسي ڇڪتاڻ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿي. عدالت عمران خان جي صحت جي معاملي کي سياسي جلوس يا احتجاج جو موضوع بنائڻ جي بجاءِ هڪ طبي ۽ قانوني معاملو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. عدالت اسپتال جي ٻاهران احتجاج ۽ امن و امان کي متاثر ڪرڻ کان به گريز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اهو ئي طرزِ عمل آهي جنهن جي پاڪستان کي ضرورت آهي. اسان کي سياسي اختلاف کي دشمني ۾ تبديل ڪرڻ کان بچڻو پوندو.

پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ به اهو هڪ موقعو آهي ته هو پنهنجي سياست کي احتجاج، ٽڪراءُ ۽ الزامن جي بجاءِ هڪ منظم، جمهوري ۽ تعميري رخ ۾ وٺي وڃي. جيڪڏهن رياست سياسي موقعو فراهم ڪري ٿي ته سياسي جماعتن جي به ذميواري آهي ته هو ان کي قانون ۽ جمهوري قدرن جي اندر استعمال ڪن. تحريڪ انصاف کي گهرجي ته هو سياسي ميدان ۾ واپس اچي، پارليامينٽ کي مضبوط ڪري، عوام سان رابطو بحال ڪري ۽ پنهنجي سياسي پروگرام کي مرڪز بڻائي. احتجاج جمهوريت جو حصو آهي، پر احتجاج هميشه پرامن، قانوني ۽ قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي. اهڙي طرح ادارن جي ذميواري به ملڪ ۽ قوم لاءِ مثبت هئڻ گهرجي.

جيڪڏهن ڪنهن سياسي جماعت يا سياسي اڳواڻ کي اهو احساس ٿئي ته سندن لاءِ سياسي رستا بند آهن، ته پوءِ تلخ طرزِ عمل جا امڪان وڌي وڃن ٿا. ڳالهين لاءِ سياسي رستا هميشه کليل هجن ته اختلاف پارليامان ۾ ٿيندو آهي، روڊن تي ٽڪراءُ جي صورت ۾ ڪڏهن به جمهوريت مضبوط ناهي ٿيندي.

اها به حقيقت آهي ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف لاءِ سياسي خلا پيدا ڪرڻ صرف تحريڪ انصاف جي مفاد ۾ نه آهي، پر رياست جي مفاد ۾ به آهي. پاڪستان ۾ سياسي استحڪام ڪڏهن ايندو؟ ان جو جواب اهو آهي ته جڏهن اقتدار ۽ اپوزيشن هڪ ٻئي کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ هڪ ٻئي جي وجود کي تسليم ڪندا. هتي هڪ ٻيو اهم پهلو به اهميت جوڳو آهي ته عمران خان پاڪستان جي سياست جي هڪ وڏي حقيقت بڻيل آهي، ڀلي اهو جذباتي سياستدان هجي، پر موجوده حڪمرانن واري طرزِ حڪمراني جا گر وٽس ناهن. هو پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪري پيو، پر ان لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ ڪري ناڪام رهيو. ان جا لکين حمايتي آهن. انهن جي سياسي مقبوليت سان اختلاف ٿي سگهي ٿو، انهن جي پاليسين تي تنقيد ٿي سگهي ٿي، انهن جي سياسي فيصلن کي غلط به قرار ڏئي سگهجي ٿو، پر انهن جي موجودگي کي پاڪستاني سياست کان نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

اهڙي طرح ادارن ۽ خاص ڪري پاڪ فوج جو ڪردار به پاڪستان جي قومي سلامتي، دفاع ۽ رياستي استحڪام جي حوالي سان بنيادي اهميت رکي ٿو. فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج ملڪ کي ڏکين ۽ سيڪيورٽي چيلينجز ۾ سنڀالي ذميواري ادا ڪري رهي آهي. انڪري هاڻي سياسي قيادت ۽ رياستي ادارن جي وچ ۾ ورهاست ۽ ٽڪراءَ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن عمران خان ۽ سندن سياسي رفيق سمجهن ته ملڪ کي استحڪام جي ضرورت آهي ۽ سياسي اختلاف کي دشمني جي بجاءِ سياسي عمل جو حصو سمجهن، ته پوءِ رستو حڪومت سان ڳالهين ۽ مسئلن کي خود ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو آهي. جيڪڏهن سياسي قيادت ۽ رياستي ادارن جي وچ ۾ اعتبار پيدا ٿي وڃي، ته پاڪستان جي معيشت، داخلي سلامتي، خارجي پاليسي ۽ جمهوريت جو نظام سڀ مضبوط ٿي سگهن ٿا؛ پر جيڪڏهن هر معاملي ۾ انتقام ۽ باهمي بداعتمادي کي نظر ۾ رکنداسين، ته پوءِ نقصان ملڪ جو ئي ٿيندو.

انهيءَ لاءِ سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي کي هڪ بهتر تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صرف عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو معاملو نه هجي، پر اهو سوال به ان سان گڏ جڙيل آهي ته ڇا پاڪستان ۾ سياسي اختلاف رکندڙن لاءِ ڪا جاءِ پيدا ٿي سگهي ٿي؟ ڇا اسان سياسي مخالف کي دشمن سمجهڻ کان سواءِ ان سان اختلاف ڪري سگهون ٿا؟ ڇا حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ ٻئي کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جي بجاءِ هڪ ٻئي جي وجود کي تسليم ڪري سگهن ٿا؟

You might also like