ايم ڪيو ايم مفادپرست ۽ سازشي سياست ڪئي آهي، سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي حيثيت ڏسن: وقار مهدي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مهدي چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي جون سازشون ڪندڙ پهريان پنهنجو سياسي قد ۽ حيثيت ڏسن.

مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي ردعمل ڏيندي سينيٽر وقار مهدي چيو ته ڪراچي کي تباهه ڪندڙ اڄ نون انتظامي يونٽن ۽ ملڪ جي بقا جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته پيپلز پارٽي شهر ۾ امن قائم ڪري نو گو ايريا ختم ڪيا ۽ ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري رکيو آهي.

پي پي پي جي سينيٽر وڌيڪ چيو ته متحده جي سياست هميشه پنهنجي مفادن ۽ سازشن جي چوڌاري گهمندي رهي آهي.

هن چيو ته هڪ وقت ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿي رهيا آهن، ان ڪري شهر کي وفاق حوالي ڪيو وڃي، پر جڏهن ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار نظر اچڻ لڳي ته سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون شروع ڪيون ويون.

هن سوال اٿاريو ته جڏهن شهر ۾ روزانو قتل، ڀتي خوري، ٻوري بند لاش ۽ ساڙيندڙ ۽ گهيراءُ وارا واقعا ٿيندا هئا، تڏهن ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڇو نه ڪئي وئي؟

وقار مهدي چيو ته اڄ جيڪڏهن انهن کي شهر جي ميئرشپ ڏئي ڇڏجي ته انهن کان وڏو ڪو به قومپرست نه هوندو.

هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪراچي کي امن ڏنو، نو گو ايريا ختم ڪيا، محبت ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏني ۽ ترقياتي ڪم ڪرايا.

هن مصطفيٰ ڪمال کي چيو ته عوام کي گمراهه ڪرڻ بدران پنهنجي ناڪام جي ناڪام ۽ ناڪاري سياست جو جائزو وٺن.

You might also like