ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي محنت واري وزير سعيد غني ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ڪرڪيٽ گرائونڊ، ماڊل پارڪ ۽ روڊ جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
سعيد غني چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي ۾ ميگا منصوبن سميت شهرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اهم منصوبن تي ڪم جاري آهي.
ڪورنگي ۾ ٿيل تقريب ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مهدي، ڪورنگي ٽائون جي چيئرمين نعيم شيخ ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ جي محنت واري وزير سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي مڪاني ادارن کي مضبوط ڪيو آهي، جڏهن ته يونين ڪميٽين کي ملندڙ رقم 5 لک رپين مان وڌائي 12 لک رپيا ڪئي وئي آهي.
سعيد غني چيو ته ڪورنگي سميت ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پارڪن ۽ روڊن جا منصوبا جاري آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪلڪ (CLICK) منصوبي تحت 132 وڏن منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي توجهه ڪراچي جي ترقي تي آهي، جڏهن ته شهر ۾ ترقياتي ڪم ٿيڻ کانپوءِ عوام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مهدي چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن لاءِ راندين جا ميدان بحال ڪري رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ڪورنگي ۾ 3 فلاءِ اوور، روڊ ۽ ڪيترائي پارڪ ٺاهيا آهن، جڏهن ته ماضي ۾ انهن علائقن مان چونڊجي ايندڙ نمائندن عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو.