اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)صدر مملڪت آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن دوران صدر چيو ته پاڪستان لاءِ سعودي عرب جي مستقل حمايت کي ساراهيون ٿا.
صدر مملڪت سعودي سفير جي پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پراڻي برادراڻي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيل خدمتن ۽ سهڪار کي ساراهيو.
ان موقعي تي صدر مملڪت چيو ته نواف بن سعيد المالڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، خاص طور تي سياسي، معاشي ۽ واپاري شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
صدر چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي پراڻي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان لاءِ سعودي عرب جي مستقل حمايت کي ساراهيون ٿا. سفير نواف بن سعيد المالڪي جي دور ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن لاءِ قائم ڪيل مضبوط بنياد ايندڙ سالن ۾ به پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفي سهڪار جي رهنمائي ڪندو رهندو.
سعودي سفير پنهنجي پاڪستان ۾ مقرر رهڻ دوران ملندڙ محبت، گرمجوشي ۽ سهڪار تي صدر مملڪت، حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا مڃيا.
سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي چيو ته هو پاڪستان ۽ ان جي عوام کي هميشه قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندا رهندا.
پڌرائي موجب صدر مملڪت سعودي سفير لاءِ مستقبل جي ذميوارين ۾ ڪاميابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.