ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي لوڪ ڳائڻي نيها سنگهه راٺوڙ هڪ تقريب دوران گيت ذريعي ڀارتي حڪومت تي تنقيد ڪندي ملڪ ۾ اقليتن سان مبينا ناروا سلوڪ خلاف آواز اٿاري ڇڏي.
نيها سنگهه راٺوڙ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو نالو وٺڻ کانسواءِ حڪومت جي پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته ڀارت ۾ اقليتن جي حب الوطني تي سوال اٿاريا وڃن ٿا، کين دهشتگرد قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ انهن سان زيادتي ڪئي وڃي ٿي.
تقريب ۾ ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي به موجود هو، جڏهن ته نيها سنگهه راٺوڙ سندس ڀرسان بيٺل نظر آئي.
تازو ڏينهن ۾ راهول گانڌي ۽ نيها سنگهه راٺوڙ جي هڪ تقريب ۾ شرڪت جون وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تي سامهون آيون آهن.
نيها سنگهه راٺوڙ ان کان اڳ به ڀارتي حڪومت ۽ سياسي پاليسين تي تنقيد ڪرڻ سبب خبرن ۾ رهي آهي.