جگر جي عام عارضي جو سبزي ذريعي سولو حل!

جگر تي چرٻي چڙهڻ يا فيٽي لور جي بيماري ايتري عام آهي جو سڄي دنيا ۾ 30 سيڪڙو ماڻهو ان کان متاثر آهن، جڏهن ته ان جو ڪو اثرائتو علاج پڻ موجود ناهي.

پر هاڻي ماهرن هڪ اهڙي دريافت ڪئي آهي، جيڪا جگر جي هن عام بيماري کان بچاءَ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

جرنل نييوٽريشنز ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽماٽا کائڻ جي عادت جگر تي چرٻي چڙهڻ واري بيماري کان بچاءَ ۾ مدد ڪري ٿي.

هن تحقيق ۾ جگر تي چرٻي چڙهڻ واري بيماري ۾ مبتلا 79 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو.

انهن ماڻهن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو.

هڪ گروپ کي ٽماٽن کان پري رکندي مخصوص غذا ڏني وئي، جڏهن ته ٻئي گروپ ۾ شامل ماڻهن کي روزانو 200 گرام ڪچا ٽماٽا ۽ 50 گرام ٽماٽو ساس استعمال ڪرايو ويو.

اهو سلسلو 6 هفتن تائين جاري رهيو، جنهن دوران ڪوليسٽرول جي سطح، جگر جي صحت ۽ جسم تي پوندڙ ٻين اثرن جي نگراني ڪئي وئي.

محققن معلوم ڪيو ته ٻنهي گروپن ۾ جگر تي چرٻي جي مقدار گهٽ ٿي، پر ٽماٽا کائيندڙ گروپ ۾ اها گهٽتائي وڌيڪ نمايان هئي.

وڌيڪ تجزيي مان معلوم ٿيو ته ٽماٽا کائڻ سان جگر ۾ چرٻي گڏ ٿيڻ جي عمل ۾ گهٽتائي اچي ٿي، چاهي جسماني وزن گهٽ ٿئي يا نه ٿئي.

محققن موجب جگر تي چرٻي چڙهڻ جا ٻيا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، تنهنڪري انهن نتيجن جي تصديق لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

تنهن هوندي به، ماهرن جو چوڻ آهي ته تحقيق مان اهو اشارو ضرور ملي ٿو ته ٽماٽا کائڻ جگر جي صحت لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ ٽماٽا دل جي صحت لاءِ پڻ فائديمند سمجهيا وڃن ٿا.

واضح رهي ته جگر تي چرٻي چڙهڻ هڪ دائمي بيماري آهي، جنهن کي سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو منهن ڏئي رهيا آهن.

عام طور تي هن بيماري لاءِ نان الڪوحلڪ فيٽي ليور ڊزيز (NAFLD) جي اصطلاح استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ اها جگر جي بيمارين جي عام ترين قسمن مان هڪ آهي.

هن بيماري دوران جگر ۾ وڏي مقدار ۾ چرٻي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن ان جو علاج نه ڪيو وڃي ته وقت سان گڏ جگر جا ڪم متاثر ٿيڻ شروع ٿي سگهن ٿا.

جگر جي هن بيماري جي نتيجي ۾ ميٽابولڪ بيمارين، جهڙوڪ ٽائپ 2 ذيابيطس ۽ ٿولهه جو خطرو پڻ وڌي ويندو آهي.

صحتمند جگر ۾ چرٻي جو مقدار تمام گهٽ هوندو آهي ۽ ان ۾ معمولي واڌ کي به غير معمولي حالت تصور ڪيو ويندو آهي.

You might also like