توهان جي خيال ۾ ڪنهن خوشحال ۽ ڪامياب شادي شده جوڙي جي مضبوط رشتي پٺيان ڪهڙو راز لڪل هوندو آهي؟
اهو راز مڙس ۽ زال جي گڏجي ورزش ڪرڻ ۾ لڪل هوندو آهي.
اهڙي دلچسپ دعويٰ هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آيو آهي.
عام طور تي ورزش کي سٺي صحت لاءِ اهم سمجهيو ويندو آهي ۽ ان سان ڪاوڙ تي ضابطو رکڻ ۾ پڻ مدد ملندي آهي.
پر آمريڪا جي برگهم ينگ يونيورسٽي جي اسڪول آف فيملي لائف جي تحقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ته جڏهن مڙس ۽ زال گڏجي ورزش ڪندا آهن ته انهن جو هڪ ٻئي سان تعلق وڌيڪ مضبوط ٿيندو آهي.
هن تحقيق ۾ 1693 نوجوان شادي شده جوڙن کي شامل ڪيو ويو ۽ انهن کان ورزش بابت تفصيل معلوم ڪيا ويا.
انهن کان پڇيو ويو ته ڇا هو اڪيلا ورزش ڪندا آهن يا ٻئي گڏجي ورزش ڪندا آهن، جڏهن ته جوڙن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه، جهيڙن جي حل ۽ اختلافن بابت پڻ معلومات حاصل ڪئي وئي.
تحقيق مان معلوم ٿيو ته گڏجي ورزش ڪرڻ ۽ جوڙن جي وچ ۾ خوشگوار رشتي جو پاڻ ۾ تعلق آهي.
تحقيق موجب گڏجي ورزش ڪرڻ سان مڙس ۽ زال جو باهمي تعلق مضبوط ٿيندو آهي، جڏهن ته رڳو اڪيلي ورزش ڪرڻ سان اهڙو اثر نظر نٿو اچي.
تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گڏجي ورزش ڪرڻ لاءِ گڏجي پنڌ ڪرڻ جوڙن جي پهرين پسند هوندي آهي، جنهن لاءِ نه جم وڃڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ نه ئي سخت جسماني مشقت ڪرڻي پوندي آهي.
محققن موجب گڏجي پنڌ ڪرڻ سان مڙس ۽ زال کي هڪ ٻئي سان وڌيڪ وقت گذارڻ جو موقعو پڻ ملي ٿو.
ساڳئي طرح ورزش دوران کين گهر جي معاملن ۽ روزمرهه جي ڪمن بابت هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو پڻ ملي ٿو.
هن تحقيق جا نتيجا جرنل فيملي رليشنز ۾ ڇپيا آهن.