ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اهي چاهين ٿا ته شهر کي الڳ ڪيو وڃي، جيئن چڙيا گهر ۾ دڪان ۽ فلاحي پلاٽن تي شادي هال هلائي سگهن.
گارڊن پمپنگ اسٽيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته هي پمپنگ اسٽيشن 2005ع ۾ ٺاهي وئي هئي، پر ڪڏهن به هلائي نه وئي. ان دور ۾ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ٻئي موجود هيون، جڏهن ته هي علائقو ايم ڪيو ايم جو مضبوط ڳڙهه هو. هن چيو ته هتي جي ماڻهن کي رڳو لولي پاپ ڏنو ويو.
مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪڏهن جماعت اسلامي جا مطالبا وفاقي حڪومت سان آهن ته حافظ نعيم الرحمان اسلام آباد وڃي احتجاج ڪري، ڪراچي جون روڊون بند ڪري شهرين کي پريشان نه ڪيو وڃي.
مرتضيٰ وهاب ايم ڪيو ايم تي اهو الزام پڻ لڳايو ته ان ڪراچي کي لسانيات، خوف ۽ انتشار جي سياست ڏني.
هن چيو ته هو اها سياست دفن ڪري چڪا آهن، جڏهن ته شهر کي ٻيهر ورهائڻ جون مبينا ڪوششون ڪرپشن ۽ چائنا ڪٽنگ لاءِ ڪيون پيون وڃن.