اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)بوتلن ۾ بند پيئڻ جي پاڻي جي مختلف برانڊن جي تجزياتي رپورٽ ۾ 230 مان 29 برانڊ غير معياري قرار ڏنا ويا.
حڪومت پاڪستان جي هدايت تي پاڪستان ڪائونسل فار ريسرچ ان واٽر ريسورسز تجارتي طور تي دستياب بوتلن ۾ بند پاڻي جي معيار جي هر ٽن مهينن بعد نگراني ڪندي آهي. ان سلسلي ۾ اپريل کان جون 2026ع واري ٽه ماهي دوران ملڪ جي 20 شهرن مان بوتلن ۾ بند پاڻي، يعني منرل واٽر، جي 230 برانڊن جا نمونا حاصل ڪيا ويا.
انهن نمونن جو پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي (PSQCA) پاران مقرر ڪيل معيار موجب ليبارٽري ۾ تجزيو ڪيو ويو. ليبارٽري تجزيي ۾ ڪجهه پاڻي جراثيمن سان آلوده ۽ پيئڻ لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو ويو، جڏهن ته 230 مان 29 برانڊ پيئڻ لاءِ غير معياري نڪتا.
ليبارٽري تجزيي دوران 9 برانڊن جي پاڻي جي نمونن ۾ سوڊيم جي مقدار مقرر حد کان وڌيڪ ملي، جڏهن ته 4 برانڊن ۾ ٽي ڊي ايس (TDS) جي مقدار مقرر حد کان وڌيڪ ڏٺي وئي.
پاڪستان ڪائونسل فار ريسرچ ان واٽر ريسورسز موجب، 22 برانڊ جراثيمن سان آلوده مليا، جيڪي انساني صحت لاءِ نقصانڪار ۽ پيئڻ لاءِ غير محفوظ قرار ڏنا ويا.
ٻئي طرف، ڪمپنين جي ترجمانن دعويٰ ڪئي آهي ته سندن پاڻي جو برانڊ معياري آهي ۽ هو ان معاملي تي حڪومت سان رابطو ڪري رڪارڊ درست ڪرائڻ لاءِ چوندا.