ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ واٽر ٽينڪرن، ٽريلرن ۽ ڊمپرن سميت ڳرين گاڏين 603 ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 7 هزار 467 شهري زخمي ٿيا.
ڪراچي ۾ هلندڙ سال 2026ع جي شروعاتي 235 ڏينهن دوران ٽريفڪ حادثن ۾ 603 ڄڻا فوت، جڏهن ته 7 هزار 467 ماڻهو زخمي ٿيا.
ڪراچي ۾ هلندڙ سال پيش آيل مختلف ٽريفڪ حادثن جي تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب رڳو 235 ڏينهن دوران ڳرين گاڏين جي ٽڪر سبب 184 شهري فوت ٿي چڪا آهن.
گاڏين جي قسمن موجب ٽريلرن جي ٽڪر ۾ 84 ماڻهو فوت ٿيا، واٽر ٽينڪرن جي ٽڪر سبب 46 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، بسن جي ٽڪر ۾ 24 ماڻهو، مزدا گاڏين جي ٽڪر ۾ 18 ۽ ڊمپرن جي ٽڪر ۾ 12 ماڻهو فوت ٿيا.
مجموعي طور هلندڙ سال ڪراچي جي روڊن تي پيش آيل مختلف حادثن ۾ 603 ڄڻا فوت ٿيا، جن ۾ 463 مرد، 73 عورتون، 51 ڇوڪرا ۽ 16 ڇوڪريون شامل آهن.
ان کان علاوه انهن حادثن جي نتيجي ۾ مجموعي طور 7 هزار 467 ماڻهو سخت ۽ معمولي زخمي پڻ ٿيا. جاري ڪيل انگن اکرن موجب زخمين ۾ 5 هزار 649 مرد، هڪ هزار 322 عورتون، 378 ڇوڪرا ۽ 118 ڇوڪريون شامل آهن.