انگلينڊ ۾ پاڪستاني ٽيسٽ اسڪواڊ جي ڪِٽ تي سوال، ٿڌي موسم ۾ رانديگرن کي ڏکيائيون

ذريعن موجب، انگلينڊ جي دوري تي موجود پاڪستاني ٽيسٽ اسڪواڊ جا ڪجهه رانديگر ٽيم طرفان فراهم ڪيل ٽيسٽ ڪِٽ جي معيار کان ناخوش آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن لاءِ تيار ڪيل ڪِٽ انگلينڊ جي ٿڌي موسم ۽ اتي جي موجوده موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي تيار نه ڪئي وئي، جنهن سبب رانديگرن کي ميدان ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

ذريعن موجب، شرٽن جو ڪپڙو نسبتاً سنهو آهي، جڏهن ته انهن جي ماپ پڻ ڪافي سوڙهي آهي. ڪجهه حالتن ۾ رانديگرن کي سندن صحيح ماپ جي ڪِٽ پڻ دستياب نه ٿي سگهي.

ٻڌايو ويو آهي ته ليڊز ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ دوران ڪِٽ ٿڌي موسم لاءِ مناسب ثابت نه ٿي ۽ رانديگرن کي ٿڌين هوائن کان گهربل تحفظ فراهم نه ڪري سگهي.

صورتحال سبب ڪجهه رانديگرن کي ٽيسٽ ميچ دوران اوني سوئيٽر پائڻا پيا، جنهن جون تصويرون ۽ وڊيوز سامهون اچڻ کانپوءِ کين سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ کي به منهن ڏيڻو پيو.

You might also like