لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ جي ريلي تي پوليس ڪڙڪي پئي، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ نون صوبن جي مهم، جلال پور ۽ ٻين ڪينالن، ڊيمن توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ طرفان عوامي سجاڳي مهم جي سلسلي ۾ مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي، پوليس مظاهرين مٿان ڪڙڪي پئي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري وڪيل ساجد مهيسر سميت درجن  کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪري وئي، ان حوالي سان لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ پاران سنڌ صوبي کي ورهاست ڪرڻ ۽ جلال پور ۾ ڪئنال ٺاهي پاڻي چوري ڪرڻ خلاف مظاهرو ڪيو ويو، ريلي جيئن ئي جناح باغ چوڪ تي پهتي ته مظاهرين تي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس گهيرو ڪري عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ناميارو ايڊوڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، علي محمد وڪو، غلام مصطفيٰ ابڙو، اعتزاز گانئچو سميت 10 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کنڀي وئي، سمورن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي لاڪ اپ ڪيو ويو، ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ساجد حسين مهيسر ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ عوامي تحريڪ طرفان نون صوبن جي مهم، جلال پور ۽ ٻين ڪينالن، ڊيمن توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پرامن ريلي ڪڍي هينڊ بل ورهائي سجاڳي جو سڏ ڏنو ويو آهي پر ان جي باوجود لاڙڪاڻو پوليس اسان جي ريلي تي چڙهائي ڪري 10 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي بيگناهه گرفتار ڪري ورتو آهي، هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي فاشسٽ حڪومت نون صوبن، جلال پور ڪئنال سميت ٻين ڪينالن، ڊيمن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان ٻٽ بڻيل آهي، پرامن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري پيپلز پارٽي اسان کي سنڌ جي حقن جي حاصلات کان هٿ کڻائڻ چاهي ٿي پر اسين ڪنهن به صورت پوئتي ڪو نه هٽنداسين.،هوڏانهن عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطاوب ڪيو آهي ته فوري طور تي گرفتار ڪيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو وڃي، جڏهن ته گرفتارين باوجود سنڌياڻي تحريڪ پاران لاڙڪاڻي شهر ۾ سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، وسيلن ۽ زمينن تي قبضن ۽ ڪينالن خلاف سجاڳي مهم جاري رکي وئي، عوامي تحريڪ جي عورت اڳواڻن لاڙڪاڻي شهر ۾ جلال پور ڪئنال، نون صوبن جي مهم خلاف ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف شهرين ۾ سجاڳي مهم هلائي ۽ بينر ورهايا، عورت اڳواڻن چيو ته اسان جي جدوجهد جاري رهندي، سنڌ حڪومت جي ملي ڀڳت سان سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي.

You might also like