اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحافي ڪامران يوسف چيو آهي ته عمران خان طرفان اٽڪل 10 مهينن کانپوءِ سندس ڀيڻ ذريعي سامهون آيل پهرين بيان ۾ سنگين الزام لڳايا ويا آهن.
ڪامران يوسف سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ لکيو ته عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته کيس شديد تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي ۽ ساڻس اهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، جيڪو مصر جي اڳوڻي صدر محمد مرسي سان ڪيل ورتاءُ جي ياد ڏياري ٿو.
محمد مرسي 2019ع ۾ قيد دوران هڪ عدالتي ٻڌڻي ۾ اوچتو ڪِري پوڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو هو.
صحافي موجب، عمران خان جي ان بيان ۾ قيد دوران مبينا تشدد ۽ حالتن تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن پنهنجي سان ٿيندڙ سلوڪ کي محمد مرسي جي واقعي سان ڀيٽيو آهي.
You might also like