جاپان پاڪستان سان دفاعي سهڪار روڪڻ بابت ڀارت جي درخواست رد ڪري ڇڏي: سيڪيورٽي ذريعا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي بچاءَ واري وزير راجناٿ سنگهه سان جاپان جي بچاءَ واري وزير جي ملاقات دوران ڀارت جاپان کي درخواست ڪئي ته پاڪستان سان جديد دفاعي ٽيڪنالاجي جي ڏي وٺ نه ڪئي وڃي، پر جاپان اها درخواست رد ڪندي واضح ڪيو ته هو پاڪستان سان دفاعي سهڪار جاري رکندو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب ڀارت کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان کي دفاعي سامان فراهم ڪندڙ اهم ملڪن ۾ جاپان جو شمار نٿو ٿئي. پاڪستان پنهنجي دفاعي، چاهي اها دفاعي نوعيت جي هجي يا جارحاڻي صلاحيتن سان لاڳاپيل، سامان جو وڏو حصو دوست ملڪن، خاص طور چين ۽ ترڪي سميت ٻين ملڪن کان حاصل ڪري ٿو.

ذريعن موجب پاڪستان گذريل ڪجهه سالن دوران دفاعي پيداوار ۾ خود انحصاري ۽ مقامي سطح تي هٿيارن جي تياري تي به خاص ڌيان ڏنو آهي. هن وقت ملڪ اندر جنگي جهاز، بنا پائلٽ جي جنگي جهاز (UCAVs)، ٽينڪ، بڪتر بند گاڏيون (APCs)، ميزائل، راڪيٽ، جنگي جهاز ۽ آبدوزون تيار ڪيون پيون وڃن.

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان پاڪستان سان دفاعي سهڪار محدود ڪرڻ جي ڪوششن باوجود پاڪستان جي دفاعي صلاحيت اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهي. پاڪستان پنهنجي مقامي دفاعي صنعت کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ سان گڏ اتحادي ۽ دوست ملڪن کان جديد دفاعي صلاحيتون حاصل ڪرڻ جو سلسلو پڻ جاري رکندو.

ذريعن موجب ڀارت ڪجهه ملڪن تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو، پر اهڙيون ڪوششون پاڪستان کي پنهنجي مقامي دفاعي صنعت کي وڌائڻ ۽ پنهنجي عسڪري صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ کان روڪي نٿيون سگهن.

You might also like