آمريڪي ڌمڪين باوجود چين ايراني تيل جي خريداري بند نه ڪندو: ماهر

توانائي شعبي جي ماهرن ۽ تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته آمريڪا طرفان سمورين پابندين ۽ ڌمڪين باوجود چين لاءِ ايراني خام تيل جي خريداري مڪمل طور تي بند ڪرڻ يا ان کي زيرو تائين آڻڻ ممڪن نظر نٿو اچي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران سان ڪاروبار جاري رکڻ وارن ملڪن کي سخت معاشي نتيجا ڀوڳڻ ۽ سخت پابندين جون ڌمڪيون ڏيڻ باوجود، چين طرفان ايراني خام تيل جي خريداري ۽ درآمد مڪمل طور تي ختم ٿيڻ جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي.

ڪولمبيا يونيورسٽي جي سينٽر آن گلوبل انرجي پاليسي جي سينيئر محقق ايريڪا ڊائونز هڪ تجزياتي گفتگو ۾ ٻڌايو ته گذريل سال چين ايراني خام تيل جو سڀ کان وڏو خريدار رهيو. جيڪڏهن ٽرمپ انتظاميا ايراني تيل خريد ڪندڙ چيني ڪمپنين تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو ته واشنگٽن انتظاميا چيني ادارن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ مان ٿيندڙ فائدي ۽ ان جي بدلي ۾ آمريڪا کي ٿيندڙ معاشي نقصان جو ڪهڙي طريقي سان جائزو وٺي ٿي.

تجزيه نگار ايريڪا ڊائونز موجب چين وٽ آمريڪا کي معاشي جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي، جنهن ۾ ناياب معدنيات ۽ ناياب عنصرن جي آمريڪا ڏانهن برآمد تي پابندي لڳائڻ به شامل آهي.

جيتوڻيڪ سرڪاري ڪسٽمز جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته چين طرفان ايراني تيل جي درآمد ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي آهي، پر ان جي تصديق ڪرڻ ڏکي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو تيل اڪثر ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ٻين ملڪن جي رستي ۽ انهن جي نالي سان چين پهچايو ويندو آهي.

تحقيقي تجزيي مان خبر پئي ٿي ته مئي ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن کانپوءِ به چين ايراني خام تيل جي خريداري جاري رکي. ان ۾ معمولي گهٽتائي رڳو ان وقت آئي، جڏهن اپريل جي وچ ڌاري آمريڪا ايران خلاف سامونڊي ناڪابندي لاڳو ڪئي.

ان باوجود هن وقت به آبناءِ هرمز کان ٻاهر کليل سمنڊ ۾ ايراني تيل سان ڀريل جهاز موجود آهن، جيڪي چين کي تيل فراهم ڪري سگهن ٿا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جڏهن به آمريڪا نيون پابنديون لاڳو ڪري ٿو ته ايراني تيل چين تائين پهچائيندڙ ادارا، آئل ٽينڪر ۽ ڪمپنيون انهن پابندين کان بچڻ لاءِ نوان متبادل رستا ڳولي وٺن ٿيون. ان ڪري چين طرفان ايراني تيل جي خريداري کي روڪڻ آمريڪا لاءِ انتهائي ڏکيو معاشي چئلينج بڻيل آهي.

You might also like