اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پاڪستان ۾ کنڊ بابت حڪومتي پاليسي تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته هو اهو فيصلو عوام تي ڇڏين ٿا ته اها پاليسي درست هئي يا نه تنهن هوندي به ان جا حقيقتون سامهون رکڻ ضروري آهن.
مفتاح اسماعيل موجب، گذريل سال حڪومت 7 لک 50 هزار ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 50 رپيا في ڪلو تائين واڌ ٿي.
سندس چوڻ هو ته اگهن ۾ واڌ کانپوءِ حڪومت ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽِي سِي پِي)کي 3 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته نجي شعبي کي کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي.
مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته ٽي سي پي عالمي مارڪيٽ ۾ ان وقت هلندڙ قيمت جي ڀيٽ ۾ في ٽن 40 ڊالر تائين وڌيڪ قيمت تي کنڊ خريد ڪئي.
هن چيو ته ٽي سي پي طرفان درآمد ڪيل کنڊ کي سيلز ٽيڪس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي کان به ڇوٽ حاصل هئي، ان باوجود اها کنڊ پاڪستان جي مقامي مارڪيٽ ۾ موجود قيمت کان وڌيڪ مهانگي پئجي رهي هئي.
اڳوڻي ناڻي واري وزير موجب، ان کانپوءِ ٽي سي پي، انٽيليجنس بيورو ( آءِ بي ) ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو ( ايف بي آر ) جي آفيسرن تي ٻڌل هڪ حڪومتي ٽيم مختلف صنعتن، چين اسٽورن ۽ بروڪرز کي اها کنڊ اهڙي قيمت تي وڪرو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، جيڪا ان وقت مارڪيٽ ۾ هلندڙ قيمت کان به وڌيڪ هئي.
مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته وڏا خريدار سرڪاري کنڊ ئي خريد ڪن، شوگر ملز کي هدايت ڪئي ته اهي ٽي سي پي جي امڪاني خريدارن کي کنڊ وڪرو نه ڪن.
سندس چوڻ هوته ان سموري عمل باوجود ٽي سي پي پنهنجو مڪمل اسٽاڪ وڪرو نه ڪري سگهيو ۽ هاڻي سرڪاري ادارو ان کنڊ کي ٻيهر عالمي مارڪيٽ ۾ برآمد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
مفتاح اسماعيل پنهنجي ڳالهه جو خلاصو ڏيندي چيو ته پهريان کنڊ برآمد ڪري ملڪ ۾ کوٽ پيدا ڪئي وئي، پوءِ ضرورت کان وڌيڪ کنڊ درآمد ڪئي وئي ۽ هاڻي ساڳئي کنڊ کي ٻيهر عالمي مارڪيٽ ۾ برآمد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هن سڄي عمل جو مالي ٻوجهه نيٺ پاڪستاني شهرين کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته هو ان پاليسي جي درست يا غلط هجڻ جو فيصلو پاڻ نه ڏئي رهيا آهن، پر اهو فيصلو عوام ۽ لاڳاپيل ماهرن تي ڇڏين ٿا ته کنڊ بابت اختيار ڪيل اها حڪمت عملي ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ هئي يا نه.
پهريان کوٽ پيدا ڪئي، پوءِ مهانگي کنڊ آندي، هاڻي وري ٻاهر موڪلڻ جي ڪوشش پئي ٿئي، حڪومتي پاليسي تي سوال اُٿڻ لڳا
You might also like