53 سالن کانپوءِ وڏو فيصلو، هٿياربند فوجن بابت اهم اختيارن ۾ وڏي ڦيرڦار

لاهور (ويب ڊيسڪ) چونڊيل عوامي نمائندن جي هٿياربند فوجن بابت اهم اختيارن ۾ 53 سالن کانپوءِ وڏي تبديلي ڪئي وئي آهي.
ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026 جي منظوري کان اڳ رولز آف بزنس 1973 تحت هٿياربند فوجن، جن ۾ آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس شامل آهن، جي ٿري اسٽار آفيسرن، يعني ليفٽيننٽ جنرل، ايئر مارشل ۽ وائيس ايڊمرل، بابت ڪيترن ئي اهم معاملن ۾ صدر ۽ وزيراعظم جي صلاح مشوري ۽ منظوري لازمي قرار ڏنل هئي.
صحافي مجيد نظامي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ لکيو ته تازي قانون جي منظوري کانپوءِ انهن معاملن سان لاڳاپيل اهم اختيار چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن.
هن تبديلي جي نتيجي ۾ هٿياربند فوجن جي اعليٰ سطحي آفيسرن بابت فيصلا سازي جي نظام ۾ نمايان ڦيرڦار سامهون آئي آهي.
نئين قانون تحت تيار ٿيندڙ رولز آف بزنس ان حوالي سان انتهائي اهميت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن ئي قاعدن ۾ واضح ڪيو ويندو ته مختلف اهم معاملن ۾ اختيار ۽ فيصلا سازي جو طريقيڪار ڪهڙي ريت طئي ڪيو ويندو.

 

You might also like