راڻيپور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ۽ بئريسٽر هالار خان وساڻ چيو آهي ته سنڌ جي وحدت تي وار ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو، سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي.
راڻيپور ۾ قائم اسرا فائونڊيشن اسڪول سسٽم جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر هالار خان وساڻ چيو ته ”سنڌو ديش“ ۽ سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به اهڙي سوچ قبول نه ڪندا، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ڪنهن ٻئي جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سڄي پاڪستان جو حب آهي، جتي هر ڪميونٽي جا ماڻهو رهن ٿا.
ايم ڪيو ايم جي هڪ مخصوص پاليسي آهي، جيڪا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي.